لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. رانا شاهد ايڊووڪيٽ طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز سرگودا ۾ ورڪرز تنظيم جي ڪنوينشن ۾ تقرير ڪندي ججن تي الزام هنيا. ججن جون تصويرون ٽي وي چينلز تي ڏيکاريون ويون، مريم نواز بغير ثبوتن جي تقرير ۾ ججن کي ڌمڪيون ڏنيون، سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.