استاد جي عزت قومن جي ضمانت آهي

0
133
استاد-جي-عزت-قومن-جي-ضمانت-آهي

علم، تعليم ۽ شعور جي بيداري قومن جي سڃاڻپ هوندي آهي، جيڪڏهن اهي شيون نه هجن ته قومون اونداهيءَ جي پاتال ۾ ڪري پون، علم انسان جي سڃاڻپ سان گڏوگڏ شعوري سگهه جي ڪري پنهنجي دنيا سان گڏوگڏ آخرت جي بهتريءَ جا سمورا گس ڳولي ٿو، جيڪي به قومون هن وقت دنيا جي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري چڪيون آهن انهن تعليم شعور جي بنياد تي پنهنجي تحقيق ريسرچ ڪندي ترقيءَ جو معراج ماڻيو آھي، جن قومن علم تعليم ۽ شعور کان منهن موڙيو آهي اهي قومون هروڀرو جي خام خياليءَ ۾گم ٿي ويون آهن، دنيا جي اندر علم جي اهميت افاديت کي محسوس ڪندي انهن قومن سڀ کان اڳ ۾ “ استاد” جي عظمت، بلندي، عزت، احترام ۽ انهيءَ کي وقار ڏيڻ جو قدم کنيو، جنهن ڪري اهي قومون اڄ سموري دنيا جي نقشي ۾ سڀ کان وڌيڪ خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي گامزن آهن، آمريڪا، لنڊن سميت يورپين ڪنٽيريز ۾ “ استاد ” ٽيچرس جو ڪيڏو مرتبو آهي،

هن ڳالهه مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، هڪ طرف ڪورٽ جو جج صاحب ٻئي طرف وزير صاحب ۽ ٽئين طرف “ استاد صاحب ” روڊ تان گذر ڪري ٿو ته پوليس سارجنٽ کي حڪومت طرفان اهو حڪم آهي ته پهريان جج ۽ وزير کي نه پر پهريان  عظمت جي بلندين تي پهچائيندڙ عظيم شخصيت“ استاد صاحب ” کي رستو ڪراس ڪرايو وڃي، ڇاڪاڻ ته اهو “ استاد ” پنهنجي اداري اسڪول، ڪاليج يونيورسٽي ڏانهن قوم جي معمارن کي تعليمي شعور سان آراسته ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ انهيءَ جو هڪ سيڪنڊ منٽ به ضايع نه ٿيڻ گهرجي، سڌريل قومن ۾ “ استاد ” کي مسيحا سمجهيو وڃي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ انهيءَ طبقي تي حڪومت توانايون خرچ ڪندي رهي ٿي. استادن جي سهولتن، انهن جو معاشي طرح هر حوالي سان خصوصي خيال رکيو وڃي ٿو، اهي قومون  ترقيءَ جون راهون طئي ڪري جديد ٽيڪنالاجي جي معراج تي ايئن ناهن پهتيون پر انهن استاد ٽيچرس جي مان، مرتبي، شان و شوڪت کي پهريان محسوس ڪندي انهي کي هر حوالي سان سکيو ستابو رکيو آهي ۽ انهن استادن جي فيضان مان فيض حاصل ڪيو آهي، پوءِ اهي قومون سڄي دنيا جي نقشي تي اهڙيون ته ڇائنجي ويون آهن جو ٻيون قومون ۽ ملڪ انهن جي ترقي تي ريس ته ڪن ٿيون پر اهي انهن جي ٻڌايل ترقيءَ جي راز کي اپنائڻ لاءِ پوئتي پيل آهن.

اسان جي ملڪ ۾ تعليم کي عبادت سمجهڻ بجاءِ بزنس، ڪاروبار ۽ ڌنڌو ڪري هلائڻ جو رواج جڏهن کان پيو آهي تڏهن کان هن ملڪ ۾ تعليم ڏيندڙ گهڻي کان گهڻا پيدا ٿيا آهن پر تعليم جي نچوڙ جامع ۽ مختصر واري فارمولي تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري استاد جي معزز معتبر شخصيت کي ڌڪ رسيو آهي، معاشري ۾ جنهن عاليشان طبقي “ استاد ” کي وزير ۽ جج کان وڌيڪ مرتبو ۽ پروٽوڪول ملڻ گهرجي انهيءَ کي هن معاشري ۾ گهٽ ۾ گهٽ درجي جو شهري طور سڃاڻپ ڪرائي وئي آهي، استاد جي عظمت ۽ بلندين سبب اڄ ملڪ جا صدر، وزير اعظم، سينئير وزير، جج، وڪيل، ڊاڪٽر، انجنيئر، وزير اعليٰ ، گورنر، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر سميت مڙني اهم پوسٽن تي ويٺل آفيسر “عظيم استاد” جي بدولت عهدا ماڻي ويٺا آهن پر بدقسمتي سان  غلط حڪمرانن جي غلط روش ڪري استاد جي سمورين ڀلاين ۽ چڱاين کي وساريو ويو آھي، جيڪڏهن استادن جي چڱاين ۽ ڀلاين جي انهن کي صحيح طرح قدر ۽ خيال هجي ها ته هن ملڪ ۾  انهي عظيم هستي پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ استاد جو واقعي قدر هجي ها  ته جائز حقن لاءِ  استاد مختلف وقتن ۾ روڊن رستن تي نڪرڻ مهل واٽر ڪينن، شيلنگ، لاٺي چارج، تشدد جو نشانو نه بڻجڻ ها،

استاد ايندڙ مستقبل جي معمارن جي آبياري ڪري ٿو پر چوٽ چڙهيل مهانگائي ۾ انهي استاد جي هڪ تولي سون برابر پگهار نٿي ڪئي وڃي،  سماج ۾ استاد کي بي يارو مددگار ڪرڻ جون ڪوششون ٻيا نه پر وقت جا ظالم، ڪرپٽ سماجي ڏوهاري ڪرپشن ۾ ملوث ڪي هٿ ڪندا رهن ٿا، ملڪ ۾ مافيائون سرگرم ٿي وڃن ٿيون جيڪي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ لاءِ ٻنهي هٿن سان نقصان پهچائڻ لاءِ نوان نوان مدي خارج فارمولا ڏيڻ لاءِ ويتر تعليم جهڙي حساس ترين شعبي کي مذاق بڻائڻ لاءِ تجربا ڪندا رهن ٿا. تعليمي پرائمري نصاب ۾ نالي جي وڏن اديبن سان گڏوگڏ ئي سنڌ جي پرائمري استادن مان سينئر تجربيڪار ماهر استادن جي نگراني ۾ نصاب تشڪيل ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي. استاد جي عظمت کي سلام آهي جنهن جي ڪوششن سان فرش کان عرش تي ماڻهو پهچي وڃي ٿو، تعليمي بيداري شعور اجاگر ڪرڻ وڏي ۾ وڏي عبادت آهي ۽ خاص ڪري نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ عين عبادت آهي ڇاڪاڻ ته  هڪ نياڻي کي پڙهائڻ سان پورو خاندان تعليم يافته ٿئي ٿو، اهڙي طرح اهو گهر ڳوٺ علائقو محلو تعليم جي نعمت سان مالا مال ٿئي ٿو، تنهن ڪري پنهنجين نياڻين کي تعليم جهڙي نعمت سان سرفراز ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ڪيون وڃن.