ھڪ جپسي ڪالم … ريل ، ڪھاڻي

0
138
ھڪ جپسي ڪالم ... ٻه ٽي لُڙڪ ناھن، سمنڊ آ اکين ۾ ...

”رُڪ اسٽيشن“

جتي ڪابه ٽرين نه ٿي رڪجي.

(بي بي سي .. رضا علي عابدي)

 شڪارپور جي حبيب ڪوٽ ڀرسان اھا رڪ اسٽيشن آھي، جنھن جي اھميت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿوته ان اسٽيشن جي روٽ کي انگريزن ايران ۽ ترڪيءَ وچان گذاري يورپ تائين پھچائڻ جو پلان جوڙيو ھو، ان ئي حوالي سان رڪ اسٽيشن جي تعمير ڪئي وئي ھئي ۽ اتي ٽرينن ۾ پاڻي  ڀرڻ جا اوائلي طريقا پڻ جوڙيا ويا ھئا. ھڪ وڏي چرخيءَ سان پاڻي ڇڪي ٽرينن ۾ ڀريو ويندو ھو. اھا ڪمال جي سرسبز اسٽيشن پوءِ ويران ٿي وئي، چون ٿا ان اسٽيشن تي ھڪ درويش ديوانَ راڳيءَ جو بيگناھھ قتل ٿيوھو. اسان جي سنڌي موسيقيءَ جي عظيم ۽ درويش راڳي ڪنور ڀڳت رام کي ان اسٽيشن تي ڏھرڪيءَ جي ھڪ مذھبي گاديءَ جي چوڻ تي مقامي مريدن شھيد ڪري ڇڏيوھو. ان کان پوءِ ان اسٽيشن کي ڄڻ ته پٽَ لڳي وئي ۽ اھا صفا ويران ٿي وئي. کوڙين سال اڳ جڏھن منھنجي ٽرين پاڻي ڀرڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي بيٺي ھئي ته رڪ اسٽيشن جي ٻنھي پليٽ فارمس تي بيٺل نم جي ھر لڏندڙ وڻ مان ھوا جا الاپ گونججي رھيا ھئا

” نالي الکَ جي ٻيڙو تارِ منھنجو. الو ميان !“

دوستو ! گذريل ھفتي جڏھن “پنھنجي اخبار” ۾ منھنجو ريل جي حوالي سان ڪالم شايع ٿيو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ريلوي جي دوستن بھترين فيڊ بئڪ ڏني ۽ ڪجھھ اھڙيون يادگيريون به شيئر ڪيون جنھن ڪري مون کي ريل ڪھاڻيءَ جي ٻي قسط به لکڻي پئجي وئي آھي. ميرپور خاص ريلوي اسٽيشن جي نھائت معتبر گارڊ ۽ درويش دوست سائين جاويد اقبال ميمڻ ميمڻ صاحب مون ڏي واٽس ايپ اماڻيو ته .

حبيب سائين ! پاڪستان ريلويز جي سيڪشنز ۽ اسٽيشنز کي ھٿن سان برباد ڪيو ويو، انجا ڪارڻ ڇا ھوندا اھو ريل جو ھر ملازم چڱي طرح ڄاڻيندو ھوندو، حيدرآباد کان جوڌپور ميٽر گيج لائين ھوندي ھئي، 1964ع ۾ سائين محمد خان جوڻيجو ريلوي منسٽر جي دؤر ۾ ميرپورخاص کان حيدرآباد براڊ گيج جڙي راس ٿي ھئي ان وقت کان پوءِ ميٽر گيج پٽڙيءَ جو زوال آيو، ميٽر گيج سيڪشن جي ھڪ اھم ڳالھ اھا بھ ھئي تھ ميٽر گيج جي تقريبن ھر اسٽيشن تي ڪاٽن فيڪٽري ھوندي ھئي، انھن اسٽيشنن تان ڦٽين جي بي انتھا لوڊنگ ٿيندي ھئي، جن اسٽيشن تي ڪاٽن فيڪٽري نھ ھوندي ھئي اتان ڪمند ۽ مختلف سامان جي لوڊنگ ٿيندي ھئي، ڪنري ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي اڄ بھ آھي ۽ اتان به مرچن جي تمام گھڻي لوڊنگ ٿيندي ھئي، ان دؤر ۾ ميٽر گيج ٽرينن جو عروج ھوندو ھو، ميرپورخاص کان ريلوي لائين جھول، پاٽويون، سنجھورو، ڄام صاحب، نوابشاھھ، ته وري ٻئي پاسي ميرپورخاص کان جھلوري، ڪوٽ غلام محمد، ڪاڇيلو، ڊگھڙي، ٽنڊو جان محمد، جھڏو، نئون ڪوٽ، نبي سر روڊ، ڪنري، سامارو روڊ، پٿورو ۽ اتان واپس شادي پلي کان ٿيندي ميرپورخاص ايندي ھئي، ميرپورخاص کان کوکراپار تائين ٽرينون ھلنديون ھيون، ميرپورخاص کان حيدرآباد تھ صبح جو 5 بجي کان رات 12 بجي تائين ھر ڪلاڪ کانپوءِ تيز رفتار ايڪسپريس ٻاويھھ اپ ۽ ڊاؤن ٽرينيون ھلنديون ھيون، 2005ع ۾ جناب پرويز مشرف جي دؤر ۾ ميرپورخاص کان موڻا ٻاؤ (انڊيا) لاءِ ڪم شروع ٿيو گڏو گڏ ميٽر گيج پٽڙيءَ جو ٻيھر زوال شروع ٿيو، شروع ۾ ميرپورخاص کان جمڙائو اسٽيشن تائين مڪسڊ گيج واري پٽڙي وڇائي وئي تھ ميٽر گيج بھ ھلائي سگھجي پر نھ ھلائي ويئي، ميٽر گيج پٽڙي مڪمل بند ٿي ويئي، اسانوٽ الائجي ڇو Preplanning نھ ڪئي ويندي آھي، ميرپورخاص کان کوکراپار 128ڪلوميٽرن جي ريلوي لائين صرف 8 مھينن ۾ ٺھي راس ٿي. 18 فيبروري 2006ع تي 1965ع کانپوءِ انڊيا لاءِ ھلي بھ ھئي پر اھا پوءِ ڪجھھ وقت ھلي بند ٿي ويئي.

ادا سائين !  انگريز وڏو سياڻو ھو ان دؤر ۾ ھڪ تھ عوام کي ريل جي سفر جي سستي سھولت ڏني ويندي ھئي، ٻئي طرف ريل جي مفاد ۾ Alternative Route ڏنو ويندو ھو، جيئن ميرپورخاص کان نوابشاهھ لائين ، ٽنڊوآدم کان ڀريا روڊ فيڊر لائين. جيڪڏھن اڄ اھي فيڊر لائينون ھلندڙ ھجن ھا تھ پاڪستان ريلويز کي ھر سال ڪروڙين روپين جو نقصان نه ٿئي ھا. پاڪستان ريلويز جي انتظاميھ کي گھرجي تھ سنڌ جون اھي تمام بند ڪيل سيڪشنز ٻيھر بحال ڪري ان عمل سان ھڪ تھ ريل جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيندو ٻئي پاسي ريلويز جي اسٽيشن بلڊنگز، ڪوارٽرز ۽ اربين روپين جي پراپرٽيز جن تي ھن مھل زورآور مافيھ جو قبضو آھي ريلويز کي واپس ملي سگھندي.

ھلندي ھلندي اھو به ٻڌائيندو ھلان ته ريلوي حادثن ۾ بي انتھا جاني ۽ مالي نقصان ھڪ طرف ۽ غير محفوظ سفر جو ليبل بھ پاڪستان ريلوي تي سدائين لڳندو رھيو آھي، ان حوالي سان سانگي ريلوي اسٽيشن گھڻي مشھوري ماڻي. ھيءَ اسٽيشن سکر کان اٽڪل 40 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پنجاب ويندڙ ريلوي لائين تي واقع آهي. هن ريلوي اسٽيشن جو بنياد انگريزن جي دؤر ۾ پيو. هيءَ ريلوي اسٽيشن، روهڙيءَ ، ملتان واري ٽريڪ تي آهي، جيڪا ڪراچيءَ کان  پشاور تائين وڃي ملي ٿي. 3 جنوري 1990ع تي رات جو ساڍي يارهين وڳي ڌاري سانگي ريلوي اسٽيشن تي بيٺل مال گاڏيءَ سان مسافر ٽرين بهاءُ الدين زڪريا ايڪسپريس جو ٽڪر ٿي پيو هو، جنهن ۾ 350کان وڌيڪ ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا ۽ 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. هيءَ ريلوي اسٽيشن اڄ به انهيءَ واقعي جي ڪري ياد ڪئي وڃي ٿي.

انگريزن ھر ڊويزنل شھر ۾ ريلوي ڪالونين سان گڏوگڏ انٽرٽينمينٽ ھالَ به تعمير ڪرايا ھئا، جن کي  اڄ به پراڻا ريلوائي “ناچ گھر” جي نالي سان ياد ڪندا آھن ۽ اھي اڄ به ماضيءَ جي آرٽسٽ سنڌ جو اوج ٻڌائي رھيا آھن ، سکر جو سوئمنگ پول ۽ روھڙي لوڪوشيڊ جي ڀڪ ۾ ناچ گھر اڄ به پراڻن ريلوائي پوڙھن کي ياد آھن جتي ڊراما ۽ فيسٽيول پروگرام ٿيندا ھيا، ان ئي سلسلي ۾  ريلوي يوروپين باٿ ٽئنڪ جيڪوريلوي يوروپين انسٽيٽيوٽ ڪراچيءَ جي ڀڪ ۾ 1903ع ۾ ريلوي جي گورن ملازمن جي وهنجڻ لاءِ هڪ تلاءُ تعمير ڪيو ويو ھو، جتي انگريزن جا مرد توڙي عورتون اونهاري ۾ غسل ڪندا هئا. پاڪستان ريلوي کاتي، ان جي مرمت ڪرائي ان کي ريلوي ملازمن لاءِ مخصوص ڪيو، ان کان علاوه ھر شھر ۾ ريلوي جا ڪوارٽرس به تعمير ڪيا ويا ھيا، خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ ٺاھيل ريلوي ڪوارٽرس 1858ع ڌاري ٺاهيا ويا، جيڪي ان وقت جي حساب سان هڪ نئون علائقو تصور ڪيو ويندو هو. ريلوي ملازمن اتي ڪافي تعداد ۾ ٻه ماڙ شاندار گھر ٺهرايا. اهي ڪوارٽرس ويڪر ۾ گھٽ هئا، اهي ايم. سي. ليوڊ روڊ لڳو لڳ هوندا هئا. ريلوي ڪوارٽرس ۾ اڀرندي پاسي ايلندر روڊ، جيڪو سول لائين ڪوارٽرس سان لڳولڳ هو، جڏهن ته ڪوارٽرس جي الهندي طرف ميري ويدر ٽاور هو. ڪافي آبادي ريلوي سان لاڳاپيل هئڻ ڪري انهن ڪوارٽرس جو نالو به ريلوي ڪوارٽرس پئجي ويو. سٽي اسٽيشن ۽ ايمليوڊ اسٽيشن اتي واقع هيون ۽ اسٽيشن هائوس ۽ ٻيون ڪافي عمارتون 1880ع ڌاري ٺاهيون ويون ۽ ان کانپوءِ وڏا وڏا گودام به ٺاهيا ويا. 1880ع ڌاري ايمليوڊ روڊ تي ڪجھه عمارتون ريلوي ڪوارٽرس طرف ٺهيل هيون، جن عمارتن ۾ مشهور ’صدر ڪورٽ‘ عمارت به اچي وڃي ٿي، جيڪا اصل ۾ بمبئي ڪورٽ لاءِ ٺاهي وئي هئي. هيءَ عمارت 18000 چورس گزن جي پلاٽ تي مشتمل هئي. ايمليوڊ روڊ تي سراءِ ڪوارٽرس ۽ ريلوي ڪوارٽرس طرف ڪاٽن فيڪٽريون به ڪافي واقع هيون. ، منھنجو خيال آھي انھن سڀني ماڳن جي ڄاڻ اسان جي گھمندڙ ڦرندڙ انسائڪلوپيڊيا سائين گل حسن ڪلمتي صاحب کي ضرور ھوندي، جيڪي ڪراچيءَ جي اوائلي عمارتن جي حوالي سان ھڪ سندَ جو درجو رکن ٿا. ريلوي جي حوالي سان ھڪ آخري ڳالھھ به ٻڌائيندو ھلان ته ريلوي لوڪوشيڊ ڪالوني روھڙيءَ جي ھڪ طوائف جي ڪمال سچي ڪھاڻي جا ريلوي جي ڪلاس فور يعني مزدور  ڪلاس جي مشھور اڀي نيتري ھئي،  اسان جي سنڌ جي سرموڙ ليکڪَ ممتاز بخاريءَ ناول طور قلم بند ڪئي ھئي ۽ ان ڪتاب پوري دنيا ۾ پنھنجي منفرد ڪھاڻي ۽ اسلوب جي ڪري شھرت ڪمائي ۽ تازو ان جو اردو ترجمو انڊيا ۾ به شايع ٿيو آھي. ان شاھڪار ناول جو نالو آھي “ ڪلاس،  فور جي محبوبه “.