اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن ارشد شريف جي قتل بابت جوڙيل فيڪٽ فائينڊنگ ٽيم جي نوٽيس تي اڳوڻي وفاقي وزير مراد سعيد جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، ڪاميٽي 10 سوالن جو جواب گهريو هو، مراد سعيد پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته فيڪٽ فائينڊنگ ٽيم پنهنجي جوڙڪ ۽ حيثيت جي لحاظ کان وفاقي حڪومت جو حصو آهي، ايف آءِ اي ۽ آءِ بي جا آفيسر وفاقي حڪومت جي ماتحت ۽ وفاقي گهرو وزير جي اڳيان جوابده آهن، ارشد شريف جي زندگي کي خطرو هو ۽ وفاقي حڪومت سندس تحفظ بدران دشمني وارو عمل ڪندي رهي، هن چيو ته  امپورٽيڊ حڪومت جي ايندي ئي ارشد شريف خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون هيون، گهرو وزير رانا ثناءُ الله ارشد شريف جي قتل تي ڪيترائي ڀيرا انتهائي غير ذميواراڻا بيان ڏنا ايتري تائين جو گهرو وزير قتل کي ڪينيا ۾ سون جي اسمگلنگ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش به ڪئي، موجوده حالتن ۽ وفاقي حڪومت جي رويي کي نظر ۾ رکندي ايف آءِ اي کان غير جانبدار، شفاف ۽ خودمختيار انڪوائري جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي، هن چيو ته پوسٽ مارٽم بابت به وفاقي حڪومت جو ڪردار تڪراري آهي، فيڪڊنگ فائينڊنگ ڪاميٽي جاچ ڪري ته ارشد شريف  تي 16 ڪيس داخل ڪرائيندڙ ڪير هئا ۽ انهن جي پويان ڪهڙا عنصر هئا، پاڪستان ۾ ارشد شريف کي ڪير ڌمڪائيندو ۽ هراسان ڪندو هو، ارشد شريف کي دبئي ڇڏڻ جو چيو ويو هو؟ ارشد شرف ڪهڙي پاڪستاني شخصيت خلاف جاچ رپورٽ مرتب ڪري رهيو هو؟ ڪاميٽي جاچ ڪري ته ارشد شريف جي شهادت کان پوءِ حڪومتي عهديدارن ۽ رياستي ادارن طرفان تڪڙ ۾ حقيقتن جي خلاف الزامن تي ٻڌل پريس ڪانفرنس ڇو ڪئي وئي؟