جڪارتا (م ڊ) انڊونيشا جي ٻيٽ جاوا ۾ 5.6 جي زلزلي وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 162 ڄڻا فوت جڏهن ته 700 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.6 هئي ۽ ان جو مرڪز جاوا جي اوڀرين علائقي ۾ 10 ڪلو ميٽر اونهائي ۾ هو. زلزلي جا لوڏا گادي واري شهر جڪارتا ۾ به محسوس ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ انڊونيشين اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو اهي ته ڪالهه سومر جي صبح انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا ۾ ايندڙ زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڪي پيون، عمارتن جي ملي ۾ ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن.
انڊونيشيا جي ڊيزارٽرمينجمينٽ جي ترجمان تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ 56 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي جڏهن ته 700 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. جن کي مختلف اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي. زلزلي جي لوڏن کان پوءِ هن وقت تائين ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻيل آهن. امدادي ڪمن دوران لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي. زخمين مان به ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتگين ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته ٻيٽن تي ٻڌل ملڪ انڊونيشيا ۾ زلزلو اچڻ معمول جي ڳالهه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهي زلزلا وڏي تباهي جو سبب بڻجندا آهن. آگسٽ 2018 ۾ آيل زلزلي دوران 500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ زخمي ۽ 3 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا هئا.