لنڊن (م ڊ) نواز ليگ قيادت تي سنگين الزام لڳائيندڙ سيد تسنيم حيدر چيو آهي ته ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ نوازشريف ۽ ناصر بٽ گرفتار ٿي  ويندا، پوليس چئي ڇڏيو، منهنجي شاهدي ئي ڪافي هوندي، هڪ انٽرويو ۾ تسنيم حيدر شاهه چيو ته غلط ڪم ۾ ملوث ناهيان، انڪري بي خوف ٿي پوليس کي شڪايت داخل ڪرائي آهي، هن ٻيهر الزام ورجائيندي چيو ته نوازشريف ۽ ناصر بٽ عمران خان ۽ صحافي ارشد شريف کي راهه تان هٽائڻ لاءِ شوٽرز فراهم ڪرڻ جي ذميواري ڏني، مون عمران خان تي حملو ڪرائڻ جي حامي ڀري، تسنيم حيدر شاهه چيو ته  ناصر بٽ ٻڌايو ته ڪينيا ۾ خرم ۽ وقار اسانجا ماڻهو آهن، ناصر بٽ ٻڌايو ته ارشد شريف جو قاتل ڪينيا ۾ ئي لڪل آهي، ناصر بٽ موجب عمران خان تي حملو ڪندڙ هڪ شوٽر به ڪينيا پهچي چڪو آهي، تسنيم حيدر شاهه چيو ته نوازشريف ۽ ناصر بٽ سان ملاقات جا ثبوت موجود ناهن،