ڪراچي (نمائندن وٽان) مختلف شهرن ۾ ڪتن عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي وارثن پاران وئڪيسن لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، احمد پور جي ڳوٺ فتح علي چانڊيو ۾ ڪتي چڪيل نوجوان نديم چانڊيو سول اسپتال خيرپور ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، وارثن جو چوڻ هو ته ڪجهه وقت اڳ نديم کي ڪتي چڪي وڌوهو، انکي ويڪسين نه ملي سگهي هئي. ٽنڊو محمد خان ۾ ڇتي ڪتي 47 ورهين جي رٽائرڊ پرائمري استاد محمد اشرف پرھياڙ کي چڪ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊو محمد خان نيو ويو، جتي کيس انجيڪشن ھنئي وئي. ٽنڊو ڄام لڳ 7 ورهين جي رخسار خاصخيلي کي ڪتن ڏاڙهي وڌو، ٻارڙي کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، ٻارڙي جي امڙ ٻڌايو ته رولو ڪتن رخسار کي منهن ۾ چڪ هڻي ڏاڙهي وڌو آهي، جنهن سبب ٻارڙي جو اک متاثر ٿي آهي، ڪنڌرا ۾ ڪتن مائي آشن زال پهلاج مل ۽ بلاول ڪانڌڙو کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، قمبر ۾ ڇتي ڪتي هڪ ئي گهر جي 5 ڀاتين 17 سالن جي مھتاب، 59 سالن جي گل بيبي، 60 سالن جي هوا، 7 سالن جي بيگم ۽ 35 سالن جي آفسا کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، بعد ۾ ڳوٺاڻن بندوق جا فائر ڪري ڪتي کي ماري ڇڏيو.