نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ وزير اعلي سنڌ جي جعلي فون ڪرائي نوڪري وٺڻ لاءِ آيل نوجوان سميت 2 ڄڻا گرفتار، ڪيس داخل ڪيو ويو. وزير اعليٰ سنڌ جي نالي تي جعلي فون ڪرائيندڙ لاڙڪاڻي واسي نوجوان خليل سولنگي ۽ ساڻس گڏ آيل مظفر جوڻيجو کي يونيورسٽي انتظاميه پوليس گھرائي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايل آهي ته وزير اعليٰ سنڌ جي نالي تي ديپڪ شرما نالي سان همراهه فون ڪري يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر کي چيو ته خليل سولنگي کي نوڪري ڏيو جنهن تي يونيورسٽي انتظاميه انڪوائري ڪرائي ته فون جعلي ھئي. اھڙو ڪو ماڻهو سي ايم هائوس ۾ نه ھو، فون ڪندڙ به ديپڪ شرما نه پر مورو واسي احمد سولنگي هو. ان کان پوءِ يونيورسٽي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن تي ٻنھي نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو. ھڪ مک بليڪ ميلر خليل سولنگي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي باقي ساڻس گڏ آيل مظفر جوڻيجو کي آزاد ڪيو ويو آهي. ان کي رڳو گڏ وٺي آيو ھو. ان ڪري ان کي آزاد ڪيو ويو آهي. يونيورسٽي انتظاميه کان اسان کي فون آئي ته وائس چانسلر کي نوڪريءَ لاءِ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي جنهن کان پوءِ اسان نوجوان کي ٿاڻي تي وٺي آياسين، ڪيس سيڪيورٽي آفيسر غلام سرور ڀٽي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي چيف سيڪيورٽي آفيسر عطا چانڊيو رابطو ڪري ٻڌايو ته وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون سي ايم هائوس ۾ فون ڪري معاملي جي تصديق ڪئي، جنهن تي سي ايم هائوس وارن چيو ته ھتي ديپڪ شرما نالي ڪير به ناھي ۽ اسان وٽ اڳ به ديپڪ شرما نالي جون شڪايتون مليون آهن، توھان ڀلي ان خلاف قانوني ڪارروائي ڪيو جنهن کان پوءِ اسان فون نمبرن جي ٽريسنگ ڪري جاچ ڪئي ته اھو فون نمبر احمد سولنگي جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ھو ۽ سنڌ جو وڏو اديب شاعر آھي ھي نمبر ان جو آھي ۽ گرفتار خليل سولنگي به پوليس اڳيان تسليم ڪيو ته ھي احمد سولنگي جو نمبر آھي ۽ فون ڪالنگ ۾ احمد سولنگي انھيءَ وقت وائس چانسلر سان به رابطو ڪيو ۽ خليل سولنگي سان به رابطي ۾ ھو. مون احمد سولنگي ۽ خليل سولنگي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.