اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سنڌ جي 200 کان وڌيڪ ملازمن جون ڪرپشن ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت منظور ڪندي سمورن جوابدارن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ضمانت منظور ڪرائيندڙ جوابدار خيرپور، ڳڙهي ياسين ۽ ڳڙهي خيرو سميت ٻين شهرن ۽ خوراڪ ۽ مڪاني کاتي سان واسطو رکن ٿا ڪالهه جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ آڏو 66 جوابدارن جا مختلف وڪيل پيش ٿيا، جسٽس قاضي امين ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جتي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ٻن سالن تائين برقرار رهي ٿي، پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان آهي جن جي فوجداري نظام اندر انصاف جو اهو حال آهي جو جوابدارن کي ٻه ٻه سال گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڏني وڃي ٿي، جسٽس قاضي امين چيو ته نيب جي کنيل اپائن کي سامهون رکندي ان مامري تي قومي مفاد ۾ ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورن جوابدارن کي حڪم ڏنو آهي ته سمورا جوابدار پيسا جمع ڪرائن ۽ گهر وڃن، سمورن جوابدارن خلاف برابري وارو سلوڪ هئڻ گهرجي، هڪ جوابدار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اڪثر درخواست گذارن مٿان نيب اختيارن جو غلط استعمال ڪندي انهن خلاف اهڙا الزام لڳايا آهن جيڪي ثابت ٿيڻ جوڳا ناهن، اميد ڪريان ٿو ته اڄ پهريون روزو آهي اسان کي رليف ملندو، جسٽس قاضي امين کيس چيو ته رمضان جي مهيني ۾ شيطان کي قيد ڪيو ويندو آهي پر هنن جوابدارن کي ضمانت ملي رهي آهي، عدالت بعد ۾ سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور ڪندي انهن کي واپس سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ميرٽ تي سمورن ڪيسن جو جائزو وٺي انهن کي حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جڏهن ته درخواستن تي عدالت ۾ پيش ٿيل وڪيلن جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ ۾ 200 کان وڌيڪ ملازمن ضمانتن لاءِ درخواستون ڏنيون آهن.