خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنگاني ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان عديل پٽ نظير احمد انصاري کي هٿياربندن اغوا بعد کيس منهن ۾ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو. پوليس لاش کڻائي ڳاڙهي موري اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي بعد ٻٻرلوءِ واسي طاهر مستوئي ۽ مهتاب مستوئي ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي پهچي اعتراف ڪيو ته عديل انصاريءَ کي هنن ٻنهي قتل ڪيو آهي جنهن کان پوءِ پوليس کين لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته سال 2016ع ۾ مقتول عديل انصاري جوابدار طاهر مستوئي جي ڀاءُ گلشن مستوئي کي قتل ڪيو هو جنهن کان پوءِ هو سينٽرل جيل خيرپور ۾ 6 سال قيد ڪاٽڻ بعد 7 ڏينهن اڳ آزاد ٿي گهر پهتو هو ته کيس گلشن مستوئيءَ جي پلاند ۾ قتل ڪيو ويو. واقعي بعد علائقي ۾ خوف هراس واري صورتحال پکڙجي وئي جڏهن ته انصاري ۽ مستوئي برادرين ۾ ڪشيدگي واري صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.