گمبٽ (ن پ ا) محرابپور واسي محمد رمضان جو گڙدي جو ڪامياب آپريشن ڪيو ويو آهي، حسينه خاتون پنهنجي مڙس محمد رمضان کي گڙدو ڊونيٽ ڪيو آهي، ٻنهي جي طبيعت بهتر آهي. ڪڊني ٽرانسپلانٽ جي سربراهه ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته حسينه پنهنجي مڙس محمد رمضان کي گڙدو ڊونيٽ ڪيو آهي هن وقت ٻنهي جي طبيعت بهتر آهي وڌيڪ علاج هلندڙ آهي. هوڏانهن ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گمبٽ گمس اسپتال ۾ هن وقت تائين 108 ڪامياب آپريشن ٿياآهن. جيڪو سلسلو هن وقت به جاري آهي گمس ۾ گڙدي جا ڪامياب آپريشن مڪمل فري ڪيا پيا وڃن. سڄي ملڪ مان مريض اچن ٿا جن کي سهولتون مهيا ڪري رهياآهيون.