ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپورخاص لڳ ٻيلاڙو شاخ ڀرسان وومين پوليس ڇاپو ھڻي والد پاران زوريءَ 50 ھزار رپين عيوض پيرسن سان شادي ڪرائيندڙ 18 سالن جي رضوانا عرف نجي لغاري کي بازياب ڪرائي ورتو. وومين پوليس متاثر ناريءَ کي پنهنجي حفاظتي تحويل ۾ وٺي وومين پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ناري رضوانا ٻڌايو ته منهنجو والد اسلم لغاري ۽ مائٽ گرهوڙ شريف جي پيرسن سان زوريءَ شادي ڪرائڻ چاهين ٿا، جنهن سبب مان وومين پوليس کي درخواست موڪلي جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي مونکي ٿاڻي تي وٺي آئي آهي. جڏهن ته سندس چوڻ هو ته آئون پنهنجي مرضيءَ موجب غلام حسين سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي جيڪو اسان جو مائٽ آهي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي وومين پوليس اسٽيشن جي انچارج مومل لغاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ناري کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، متاثر ناري جي درخواست تي ڪارروائي ڪري کيس بازياب ڪرايو ويو آھي، عدالتي حڪم بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.