پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ ويجهو احمدپور پوليس جي گهر تي چڙهائي، عورتن ۽ ٻارڙن تي مبينا تشدد، ڦرلٽ نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام، عدالتي نوٽيس کڻي ويندڙ نوجوان به لاڪ اپ،a احتجاج.  ان ڏس ۾ جوڳي ڳوٺ جي رهواسي پورهيت علي خان رانجهو، سندس گهر واري زرينا خاتون پنهنجي ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته ايس ايچ او احمدپور اڪبر عالماڻي گهر تي بنا جواز چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارن تي سخت تشدد ۽ گهر مان ڦرلٽ ڪري سندن پٽ اعجاز رانجهو کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي آزاديءَ لاءِ هڪ لک رپيا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. هنن ٻڌايو ته پوليس عدالتي نوٽيس کڻي ويندڙ نوجوان عمران قاضي کي به لاڪ پ ڪري ڇڏيو آهي. مظاهرين ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته  احمدپور پوليس جي ظلمن جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.