لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ميروخان روڊ لهر باءِ پاس وٽ هٿياربند ڳوٺ امام الدين شاهه واسي آصف شاهه کي گوليون هڻي فرار ٿي ويا، زخمي کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، سئوٽ عبداللطيف شاهه ٻڌايو ته سڱاوتي تڪرار تان ڳڙهي خيرو واسي سليمان شاهه، مظهر شاهه، ٽلو دستي آصف شاهه کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا، نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ڪنگا پوليس موجب واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون.