لاڙڪاڻو( رپورٽ: شاھ محمد لاشاري ) لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار جون چونڊون رٽرننگ آفيسر ٿرڊ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو نياز حسين سومرو جي نگرانيءَ ۾ ٿيون،  900 کان وڌيڪ رجسٽرڊ وڪيلن مان 727 وڪيلن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو جن مان 27 ووٽ خارج ٿيا. چونڊن ۾ پيپلز لائيرز فورم، وڪيل دوست، شهيد راڻي ۽ وڪيلن جي هڪ آزاد پينل حصو ورتو. جاري ڪيل غير حتمي نتيجن موجب رفيق احمد ابڙو 353 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جنهن جي مقابلي ۾ محمد اسماعيل ابڙو 219، ظفر الله سومرو 61، عبدالغفار شيخ 29 کڻي سگهيا. نائب صدر لاءِ سنڌ دوست پئنل جي اميدوار زمان جاگيراڻي 279 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جنهن جي مقابلي ۾ سميع الله ڀٽو 268، اعجاز احمد منگي 105 ووٽ کڻي سگهيا. جنرل سيڪريٽري لاءِ پيپلز لايرس فورم جي امان الله لهر 339 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جنهن جي مقابلي ۾ مظهر علي ڀٽو 230 ۽ غلام اصغر 91 ووٽ کڻي سگهيا. جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ سنڌ دوست پئنل جي شبير جتوئي 356 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جنهن جي مقابلي ۾ محمد ڀاڳت 217 ۽ سليم الله عباسي 69 ووٽ کڻي سگهيا. لائبريري سيڪريٽري لاءِ آزاد اميدوار احمد خان کرل 261 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو جنهن جي مقابلي ۾ ڪلثوم چانڊيو 184، جميل احمد عمراڻي 173 ۽ واجد علي گاد 36 ووٽ کنيا. خزانچي لاءِ سنڌ دوست پئنل جي امان الله شيخ 271 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي جنهن جي مقابلي ۾ حبيب الله جوکيو 269 ۽ رضوان علي ابڙو 72 ووٽ کنيا. جڏهن ته ميمبر مئنيجنگ ڪاميٽي لاءِ ڄاڻايل پئنلن ۽ آزاد اميدوارن گڏيل طور ڪاميابي حاصل ڪئي.