سکر (بيورورپورٽ) احتساب عدالت سکر، ٽائون ڪاميٽي ڳڙهي ياسين ۾ ڪرپشن ڪيس واپس نيب حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت ٽائون ڪميٽي ڳڙهي ياسين جي 5 اڳوڻن ٽي ايم اوز سميت 50 کان وڌيڪ ڄڻن خلاف 11 ڪروڙ ڪرپشن جو ريفرنس واپس نيب حوالي ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن احتساب عدالت نمبر 3 جي جج ناصرالدين شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت نيب ايڪٽ 2022 ۾ ترميم تحت ڪيس واپس ڪرڻ جي درخواست منظور ڪندي ڪيس واپس نيب حوالي ڪري ڇڏيو آھي.