ڪابل (م ڊ) افغانستان جي صوبي بلخ ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ بلخ جي گورنر دائود مزمل سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب ڌماڪو صوبائي راڄڌاني مزار شريف ۾ گورنر جي آفيس ۾ ٿيو. مقامي پوليس ڌماڪي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪو گورنر جي آفيس ۾ جاري اجلاس دوران ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ گورنر دائود مزمل سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا. پوليس ڪمانڊر موجب ڌماڪي وقت انتظامي معاملن جو اجلاس ٿي رهيو هو. افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد گورنر جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته  گورنر دائود مزمل کي اسلام ۽ افغانستان جي دشمنن شهيد ڪيو واقعي جي جاچ جاري آهي اڃا تائين ڪنهن به گروپ ذميواري قبول نه ڪئي آهي.