سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ خيرپور، گهوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۾ ڪم ڪندڙ گئس ڪمپنيز کي ايم اين اي ۽ ايم پي ايز جي نگراني ۾ جوڙيل ڪاميٽي کي فنڊ ڏيڻ کان روڪيندي فنڊن بابت ڊپٽي ڪمشنرن کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خيرپور جي نارو سميت مختف ضلعن سان تعلق رکندڙ اعجاز علي شر، رحيم بخش ڀنڀرو، اعجاز علي خاصخيلي ۽ ٻين طرفان داخل ڪرايل درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته گئس ڪمپنين کان ملندڙ رائلٽي جا پئسا ڊرينيج جي نالي ۾ کپائي ٿا ڇڏين، صحت، تعليم، ڊجيٽل لائبررين ۽ ٻين ويلفيئرز تي فنڊ خرچ ڪيو ڇو نه پيا ڪيا وڃن. وڪيل ذوالفقار نائچ عدالت کي ٻڌايو ته ايم اين اي پنهنجي اولاد کي علائقا ورهائي ڏنا آهن. گهوٽڪي سان گهڻي زيادتي ٿي آهي، سٺي اسپتال به ناهي ملي سگهي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ڏي ۾ وڏي سوئي گئس ڪمپني آهي. وڏيرن کي پئسا ۽ گاڏيون ۽ ٻيون مراعتون ملن پيون، ڪنهن کي جرئت ناهي جيڪو علائقي جي ترقي لاءِ ڳالهائي، پيرن، ايم ايز ۽ ايم پيز کي صرف عزت ڏيو باقي آفيسر ڪم پنهنجو ڪن. وڪيل عبدالنعيم پيرزادو موجب عدالت گئس ڪمپنيز کي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي نگراني ۾ جوڙيل ڪاميٽين کي علائقي ترقي لاء فنڊ ڏيڻ کان روڪيندي نارو جي 200 بيڊ اسپتال گمس جي حوالي ڪرڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کان خيرپور، گهوٽڪي، ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنرن کان گذريل ٽن سالن جي مليل فنڊن بابت رپورٽون 13 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.