سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سنڌ جون سموريون لائبرريون صبح نائين کان رات نائين تائين کليل رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ جي غيرحاضريءَ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي کيس 15 مارچ تي طلب ڪري ورتو.  ايڊوڪيٽ سهيل لطيف ميمڻ پاران لائبررين بابت پٽيشن تي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري کي هدايتون ڏنيون آھن ته لوڪل گورنمنٽ جون سنڌ جي جن تعلقن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ لائبريريون ناهن، انهن بابت رپورٽ تيار ڪئي وڃي ته جيئن اتي لائبريريون قائم ٿين. لوڪل گورنمنٽ کي 2023 ۽ 2024ع واري اي ڊي پي بجيٽ ۾ لائبريرين جا پيسا رکڻ گهرجن ۽ اهو عمل مهيني اندر مڪمل ڪيو وڃي. ڪورٽ پاران سکر، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهرفيروز ضلعن جي ڊي سيز کي هدايت ڪئي وئي ته اهي سرڪاري لائبريرين جي سنڀار ڪن ۽ انهن بابت رپورٽ ڏين. ميونسپل لائبريري روهڙي کي پراڻي نقشي تي بحال ڪرڻ ۽ قبضن وسيلي ٺهيل دڪان ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا. عدالت پاران ڊي سي سکر کي پڻ مير معصوم شاهه لائبريري جي ايراضي تي قبضن جي حوالي سان 15 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي.