حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) ڀٽائي نگر پوليس ڊاڪٽر ڌرم ديو جي قتل جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف داخل ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ ڊرائيور جي گهر ۾ ڪار سميت غير موجودگي ۽ بورچي جي گهر ۾ موجودگي به ظاهر ڪئي وئي، جاچ جي سلسلي ۾ ڊرائيور حنيف لغاري، بورچي دليپ ڪمار ۽ هڪ اڻڄاتل شخص سميت 3 ڄڻا پوليس تحويل ۾ آهن، ان ڏس ۾   سٽيزن ڪالوني ۾ 2 ڏينهن اڳ چمڙي جي مشهور ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي گهر مان ڳلو ڪپيل لاش هٿ اچڻ واري معاملي تي پوليس سندس ڀاءُ اشوڪ ڪمار جي فرياد تي داخل ڪيو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو ته هو 7 مارچ تي رات جو سوا 11 وڳي ڀاءُ جي گهر ويو ته سندس بنگلي جو دروازو کليل هو ۽ اندر فرش تي رت نظر آئي جنهن تي هو اندر روم ۾ ويو ته ٽي وي لائونچ وٽ لڳل سيڙهين جي پويان سندس ڀاءُ جو لاش پيل هو جنهن بابت هن بورچي دليپ کان پڇا ڪئي جنهن لاعلمي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته ڊرائيور محمد حنيف لغاري ڊاڪٽر ڌرم ديو جي ڪار سميت گم آهي. جڏهن ته  ڪيس ۾ پوليس ڊرائيور حنيف لغاري ۽ بورچي دليپ ڪمار جا نالا ته ڏنا آهن پر اهو نه ڄاڻايو آهي ته ٻنهي ڄڻن مان   قاتل ڪير آهي. هوڏانهن ڀٽائي نگر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد اڳ ۾ ئي گرفتار ڊرائيور حنيف لغاري کي رمانڊ لاءِ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ پيش ڪيو.   عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي جوابدار کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.