رياض (م ڊ) سعودي حڪومت عمرو ادا ڪرڻ لاءِ پرمٽ جاري ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪندي پانڌيئڙن لاءِ نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جيڪي فوري طور تي لاڳو ٿي ويون آهن. ڪورونا جي وبا دوران حج ۽ عمري لاءِ Itimrana ايپ پڻ متعارف ڪرائي وئي هئي. ڪورونا پابنديون ختم ٿيون ته پانڌيئڙن جي رش لڳي وئي هئي. اعتمرنا ايپ تي دٻاءُ وڌي ويو جنهن سبب حج وزارت اعتمرنا ايپ ختم ڪري هاڻي نسڪ نالي ايپ جاري ڪئي آهي. پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته عمري جي ادائيگي جي سموري ڪارروائي هاڻي اعتمرنا بدران نسڪ ذريعي ٿيندي. ٻئي طرف سعودي حڪومت رمضان المبارڪ دوران مسجد لاءِ ضروري انتظامن جا حڪم جاري ڪيا آهن، جن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلامي معاملن واري وزير ڊاڪٽر عبداللطيف آل شيخ چيو ته رمضان المبارڪ دوران عطيو گڏ ڪرڻ ۽ مسجدن ۾ نماز جا منظر نشر ڪرڻ لاءِ ڪيمرائن جي استعمال تي پابندي هوندي. مسجدن جا امام ۽ مؤذن مڪمل فرض ادا ڪن. انتهائي ضرورت کان سواءِ غيرحاضري جي صورت ۾ امامت جو متبادل انتظام ڪيو وڃي ۽ مسجدن ۾ اذان مقرر وقت تي ڏني وڃي. عشاء جي اذان مقرر وقت تي ئي ڏني وڃي. اذان کان پوءِ تڪبير جي وقت جي پابندي ڪئي وڃي، ان کان سواءِ مسجد جو امام اعتکاف لاءِ پرمٽ جاري ڪندو ۽ ان کي يقيني بڻائڻ جو ذميوار هوندو ته اعتکاف ڪندڙ ڪنهن به قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪن. امام جي ذميواري هوندي ته هو اعتڪاف ڪندڙ جي ذاتي ڄاڻ کي رجسٽرڊ ڪري. افطار دسترخوان لاءِ مقرر ضابطن تي عمل ڪريو، افطار دسترخوان لاءِ خيما لڳائڻ يا عارضي ڪمرا ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي. لائوڊ اسپيڪر نه وڄايو. نمازن کي مختصر ڪريو. مسجدن ۾ ٻارن جي آمد تي پابندي هوندي. مسجدن اندر افطار جي اجازت نه هوندي.