اتحادي حڪومت جو آءِ ايم ايف سان اتحاد

0
167
اتحادي حڪومت جو آءِ ايم ايف سان اتحاد

   هڪڙو وقت هو جڏهن نواز ليگ مخالف ڌر ۾ هوندي هئي يا ايئن کڻي چئجي ته نوازشريف وفاقي سطح تي مخالف ڌر ۾ هوندو هو پر سندس ننڍو ڀاءُ شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هوندو هو تڏهن به شهبازشريف وقت جي وفاقي حڪومت خلاف اهڙيون جوش واريون تقريرون ڪندو هو جو لڳندو هو ته سندس تقريرن دوران ڊائس تي لڳل مائيڪون وڃي پري ڪرنديون، ايتري قدر جو شهباز شريف پاڻ هٿ سان مائيڪون جھلي جوش وارا جملا چئي مائيڪن کي پري ڌڪي ڇڏيندو هو. شهباز شريف سخت گرميءَ سبب مينار پاڪستان تي هٿ وارا پکا کڻي اچي وفاقي حڪومت خلاف احتجاج ڪندو هو، اهو به چوندو هو ته جيڪڏهن ان نظام کي تبديل نه ڪريان ته منهنجو نالو مٽائي ڇڏجو، پيپلز پارٽيءَ وارن ته باضابطه طور تي پريس ڪانفرنس ذريعي سندس نئون نالو به متعارف ڪرايو هو، پيپلز پارٽي وارا چوندا هئا ته رڳو تقريرن دوران مائيڪ ڪيرائڻ سان ڀٽو ٿي نٿو سگھجي، ڀٽي ٿيڻ لاءِ ڦاهي جي ڦندي کي چمڻو پوندو آهي.

شهباز شريف کي انهن ڏينهن ۾ حبيب جالب جو دستور به ياد هوندو هو ته فيض احمد فيض جا انقلابي گيت به ياد هوندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن ته ڳائڻن کان مائيڪ وٺي پاڻ ئي ڳائڻ شروع ڪندو هو، بلڪل ايئن جيئن مريم نواز ۽ حمزه شهباز جا ڪجھه اهڙا گيت جھونگارڻ وارا وڊيو وائرل ٿيا هئا، شهباز شريف جنهن هينئر به ڪي پي پهچي تحريڪ انصاف واري صوبائي حڪومت سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڪي پي ۾ اٽو سستو نه ٿيو ته هو پاڻ ڪپڙا کپائي به اٽو سستو ڪندو، هاڻ وزيراعظم شهباز شريف کي اهي ڏينهن ياد هجن يا نه پر هاڻي جيڪڏهن کانئس انهن يادگيرين تي ٻڌل سوال به ڪنداسين ته شهباز شريف چئي ڏيندو ته:

 ياد ماضي عذاب هي يارب

ڇين لي مجهه سي حافظه ميرا

انهن ڏينهن ۾ شهباز شريف ۽ پيپلز پارٽي وارا هڪ ٽيبل تي ويهڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا هئا، ميثاق جمهوريت کان پوءِ ميثاق معيشت وارا سڏ اسحاق ڊار روز ڏيندو هو پر ميثاق جمهوريت هجي يا ميثاق معيشت پيپلز پارٽيءَ ۽ ن ليگ وارا اهي معاملا ڳالهين ذريعي اڳتي وڌائڻ ۾ رڳو ان ڪري ناڪام رهيا جو تڏهن کين هڪ ٻئي جا چهرا نه وڻندا هئا، عمران خان به روز چوندو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وارن هڪ ٻئي تي ڪيس ڪيا آهن، مون ته ڪنهن تي به ڪيس داخل ناهي ڪيو پر هاڻي وقت تبديل ٿيو آهي، هينئر شهباز شريف وزيراعظم آهي ته سندس پٽ حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير آهي ته بلاول ڀٽو ملڪ جو پرڏيهي وزير آهي. سندس سياسي زندگيءَ جو تعارف تبديل ٿيو هوندو پر عوام ساڳئي طرح عذاب ۾ آهي، عوام کي مهانگائيءَ سان گڏ لوڊشيڊنگ جي عذاب مشڪل ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، انهن ڏينهن ۾ جڏهن نواز ليگ جي مخالف حڪومت يا هينئر واري عمران خان جي حڪومت رات جي وقت پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪندي هئي تڏهن نوازشريف به ميڊيا سان مخاطب ٿي حڪومت جي اهڙي عمل کي ڌاڙي سان تعبير ڪندو هو،

هنن شريفن به تقريبن ساڳيو ماحول پيدا ڪيو هو، جيڪو عمران خان اهو چئي پيدا ڪيو هو ته خودڪشي ڪري ڇڏيندس پر آءِ ايم ايف ڏانهن نه ويندس، ان وقت به عمران خان کي سمجھايو ويو ته جيترو دير سان آءِ ايم ايف ڏانهن ويندئو اوترو عوام کي عذاب ۾ وجھندئو پر عمران خان به پنهنجو ضد پورو ڪري پوءِ آءِ آيم ايف ڏانهن وڃڻ جو  يوٽرن ورتو هو. هينئر جڏهن شهبازشريف آيو آهي ته پهرين ڏينهن ئي ڇنڇر واري موڪل ختم ڪري ڇڏيائين، هاڻ چوي ٿو ته جمعي تي به گھر ويهي ڪم ڪيو، شهبازشريف اچڻ سان ئي پنهنجو نالو شهباز اسپيڊ متعارف ڪرايو پر سندس اسپيڊ ڪارڪردگيءَ واري پاسي گھٽ پر پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتون وڌائڻ جي حوالي سان سچي ثابت ٿي. شهباز شريف کي پنهنجي معاشي ٽيم شروعاتي طور تي ئي صورتحال کان آگاهه ڪندي قيمتن واري سمري اماڻي پر شهبازشريف اهڙي سمري رد ڪري عوام کي خوشخبري ڏني ته ڇا به ٿي پوي پر عوام تي وزن نه وجھبو، هينئر سندس معاشي ٽيم جڏهن آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جي صورتحال کان آگاهه ڪندي سريلنڪا واري صورتحال جا حوالا ڏنا تڏهن شهباز شريف پيٽرول جي قيمت وڌائي ڇڏي.

حڪومت لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻ لازمي هوندو آهي، غير مقبول فيصلا ڪرڻ سان ئي حڪومت جي اعتماد ۾ اضافو به ٿيندو آهي پر ان لاءِ وقت جي اهميت به لازمي هوندي آهي، بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف وارن کي عمران خان جي آءِ ايم ايف وارن سان ٿيل معاهدي جي خبر هئي پر مخالف ڌر ۾ هئڻ ڪري انهن کي مهانگائي مارچ ڪرڻ جو به حق هو، جيتوڻيڪ هاڻ اهي چون ٿا ته عمران خان به هجي ها ته اهڙي مهانگائي ڪري ها، هاڻي ته ن ليگ جو اهو طبقو وڌيڪ جذباتي نظر اچي ٿو جيڪو عمران خان جي حڪومت کي پنهنجا ڏينهن پورا ڪرڻ جا دليل ڏيندو هو، انهن جو هاڻ خيال آهي ته موجوده صورتحال ۾ جڏهن اسٽيبلشمينٽ به عمران خان کان پري ٿي وئي هئي تڏهن عمران خان جي حڪومت جا آخري ڏينهن ڪيئن گذرن ها انهن جو خيال آهي ته هينئر تائين عمران خان سازش سازش ڪرڻ بدران پاڻ ئي حڪومت ٻين جي حوالي ڪري سياسي طور غير مقبول ٿي چڪو هجي ها. مريم نواز به ان راءِ جي هئي، عمران خان جو وزن کڻڻ بجاءِ چونڊن جو فيصلو ڪري ملڪ نگران حڪومت حوالي ڪجي پر عمران خان جي لانگ مارچ شهبازشريف حڪومت کي مجبور ڪيو ته اهي حڪومت ۾ هوندي ڏکيا فيصلا ڪن. هينئر شهباز شريف جي حڪومت ان مرحلي کان اڳتي نڪري آئي آهي، مريم نواز به پنهنجو ذهن تبديل ڪري ورتو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته هاڻ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، اليڪشن پنهنجي وقت تي ٿينديون، ساڳئي وقت مريم نواز ايترو بااعتماد نظر آئي جو هن چيو ته اتحادين جي حڪومت آهي، مان اتحادي حڪومت جي نمائندگي ڪري رهي آهيان پر تنهن هوندي به چوان ٿي ته عمران خان وارن لاءِ مان اڪيلي ئي ڪافي آهيان، شهباز سرڪار کي اهو الڪو هو ته آءِ ايم ايف جا ايترا ڳرا شرط مڃڻ کان پوءِ عوامي رد عمل سخت هوندو پر عوامي رد عمل سامهون نه اچڻ تي حڪومت بااعتماد به نظر اچي رهي آهي.

جيتوڻيڪ حڪومت وارا چون ٿا ته گئس ۽ بجلي مهانگي ٿيڻ وارا مرحلا اڃا به اچڻا آهن، ان ڪري عوامي رد عمل جو اندازو رڳو روڊ رستن جي صورت ۾ ئي نه پر چونڊن ۾ به نظر اچي سگھي ٿو، هڪ مهيني کان پوءِ پنجاب ۾ ضمني چونڊن جو مرحلو شروع ٿيڻ وارو آهي، بلدياتي چونڊ جو مرحلو جاري آهي، عوام روڊ رستن تي ناهي نڪتو پر پيٽرول پمپ کان گھر اندر تائين جنهن ڪيفيت مان گذري رهيو آهي ان جو اندازو حڪومت کي شايد نه هجي پر عوام روڊ رستن تي ناهي آيو پر روڊ رستن تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جھڙي طريقي سان قيمتون وڌائي ڇڏيون آهن ان جو رد عمل سفر ڪندڙ مسافرن جي راءِ ذريعي معلوم ڪري سگھجي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت وٽ ڪو به متبادل بندوبست نه هئڻ به عوام جي ڪاوڙ ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي. مفتاح اسماعيل جو چاليهه هزار کان گھٽ پگھار وارن کي ٻه هزار ڏيڻ جو اعلان هجي يا احسن اقبال جو چانهه گھٽ پيئڻ وارا مشورا ثابت ٿا ڪن ته حڪومت وٽ ڪو به متبادل پروگرام ناهي جنهن سان عوام جي ڏکن کي گھٽ ڪري سگھن. حڪومت سادگيءَ جو جيڪو نئون نظام متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري رهي آهي، حڪومت پنهنجي ڪهڙي عمل ذريعي ثابت ڪري رهي آهي ته جيئن عوام مشڪل دور مان گذري رهيو آهي تيئن حڪومت وارا به ايئن ئي روڊ رستن تي هڪ وقت جي چانهه پي گذارو ڪري رهيا آهن. ٿري پيس سوٽ ۾ ايئر ڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ ايندڙ حڪمران جيڪڏهن عوام کي ٻن ويلن جي مانيءَ جو بندوبست ڪرڻ بدران انهن کان چانهه به کسيندا ته عوام انهن کي ڇو چڱو سڏيندو؟ حڪومت هينئر تائين اهو ثابت ڪيو آهي ته انهن جي رڳو سياسي اتحاد واري حڪومت ئي ناهي پر انهن جو آءِ ايم ايف سان به اتحاد آهي.