اليڪشن ڪميشن کي آئيني ڪردار ادا ڪرڻ کپي ؟

0
161
پيپلزپارٽي-جي-قيادت-کي-اکيون-کولڻ-گهرج

  جيتوڻيڪ ادارن کي بي پناهه آئيني قانوني  اختيار حاصل ھئڻ جي باوجود به اختيارن جو استعمال نه ڪيو ويندو ته پوءِ ادارن جي ساک تي ڪيئي سوال پيدا ٿي ويندا ته آخر اھي ڪھڙيون مجبوريون يا ڪمزوريون آهن جن جي ڪري حاصل اختيارن کي استعمال ڪرڻ بجاءِ خاموشي اختيار ڪرڻ کي پنهنجي مفاد م بھتر سمجھيو وڃي ٿو. سپريم ڪورٽ جي رٽائر چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر توڙي رٽائر جسٽس فقير محمد کوکر چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي تي ذميواريون نڀائيندي ھڪ ملاقات ۾ اعتراف ڪيو ھو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سميت اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي آئين قانون تحت بي پناهه اختيار حاصل آھن ليڪن ان جو وقت سر استعمال نه ڪرڻ جي ڪري اداري جي ساک متاثر ٿئي ٿي. ان جو بنيادي سبب وقت صرف فيصلا نه ڪرڻ يا  وري عمل نه ڪرڻ   جي دائري ۾ اچي ٿو جنهن ۾ ملڪ  عام چونڊن کانپوءِ نتيجن کي چئلينج ڪرڻ ۽  اليڪشن ٽربيونلن پاران ڪيئي ڪيئي سالن تائين فيصلا نه ڪرڻ يا وري پارليامينٽرين پاران جاري ڪيل اثاثن جي صحيح نموني جاچ نه ڪرڻ سميت ڪيترائي معاملا شامل آهن. تازو  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ھر سال وانگر ھن سال به 15 جون تي  قومي اسيمبلي  سميت پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن جي ملڪيتن جا تفصيل عوام جي آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي سڀ کان وڌيڪ مالدار ڏيکاريو ويو آهي

جنهن وٽ ھڪ ارب 60ڪروڙ 24 لک 16 ھزار روپين جا اثاثا آهن جن ۾ بئنڪ بيلنس 12 ڪروڙ پرڏيهه ۾ 25 نوعيت جا اثاثا 598 ايڪڙ زرعي زمين ڪراچي ۾بلاول ھائوس لاھور جي ماڊل ٽائون ۾، ھڪ بنگلو اسلام آباد ۾، 2 فليٽ شامل آهن. جڏهن ته وزيراعظم شھباز شريف 24 ڪروڙ روپين جي ملڪيت ظاهر ڪئي آهي پنھنجي اثاثن ۾ پرڏيھه ۾ 13 ڪروڙ 74روپين جي اثاثن ۾ لنڊن ۾پراپرٽي ۽ بئنڪ اڪائونٽ شامل آهن. ملڪ جي اندر بئنڪ اڪائونٽ ۾ 20 لک جڏهن ته زالن نصرت شھباز 23 ڪروڙ ۽ تھمينا دراني وٽ 75 لک 60روپين جا اثاثا شامل آهن. شھباز شريف پاڻ کي 14 ڪروڙ روپين جو قرضي ڄاڻايو آهي جنھن ۾ پٽ سلمان شھباز کان 6 ڪروڙ 39 لک جو قرض شامل آهي. سابق صدر آصف علي زرداري وٽ ٽوٽل 71 ڪروڙ 42 لک 30 ھزار 195 روپين جي ملڪيت آهي. نوابشاهه م 2 ڪروڙ 25 لک جو گھر 5648 ايڪڙ زمين ٽنڊو الهيار ۾ 39ايڪڙ 93 ايڪڙ پريت آباد نوابشاهه ۾، 35 ايڪڙ ٽنڊو الهيار جي ديھه ٽوھيون ۾شامل آھي جڏھن ته جھنڊو مري ۾ مقاطعي تي 757 ايڪڙ ٽنڊو الهيار ۾ 3286 ايڪڙ بدين جي ماتلي ۾ 700 ايڪڙ نوابشاهه جي دوڙ ۾ 478 ايڪڙ مقاطعي تي حاصل ڪئي آهي ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي حصي مان مليل زمين پڻ ظاهر ڪئي.

ان کان سواءِ جانور پڻ شامل آهن پي ٽي آئي سربراهه عمران خان 14 ڪروڙ 21 لک روپين جا اثاثا ظاهر ڪيا آهن. سال 2021 ع ۾ سندس اثاثن ۾ 6 ڪروڙ روپين جو اضافو ٿيو. بني گالا ۾ 300 ڪنال تي گھر لاھور ۾ زمان پارڪ جو گھر جنهن جي ماليت 4 ڪروڙ 86 لک جي ملڪيت سان گڏ 724 ڪنال زمين زال بشري بيبي جي نالي تي 421 ڪنال پاڪ پتن فريد آباد م زمين ۽ اسلام آباد ۾ 3 ڪنالن جو گھر شامل آهي. ق ليگ جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جي پٽ وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي ھڪ ارب 60 ڪروڙ روپين اثاثن ۾ ھڪ ڪروڙ 63 لک جون گاڏيون، 43 ڪروڙ روپين جو بئنڪ بيلنس ، پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي وٽ ھڪ ارب 62 ڪروڙ ، اڳوڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو وٽ 2 ڪروڙ 59 لک ، غوث بخش مهر وٽ 108ايڪڙ زرعي زمين 20 لک کان وڌيڪ بئنڪ بيلنس، زال جي نالي تي 99 ايڪڙ زرعي زمين ، نعمان شيخ  وٽ92 لک 47 ھزار ، سردار خالد لنڊ وٽ 7ڪروڙ 26 لک جي ملڪيت ۾ 1079 زرعي زمين آھي جڏھن ته هن پاڻ کي  10 لک 52 ھزار جو قرضي ظاهر ڪيو آهي. عامر مگسي 50 ڪروڙ 38 لک ، سردار محمد بخش مھر 40 ڪروڙ 45 لک، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه 7 ڪروڙ62 لک57 ھزار روپين جي ملڪيت ظاهر ڪئي. وٽس 123 ايڪڙ زرعي زمين ۽ پنھنجي مٿان 55 لک روپين جو قرض ظاهر ڪيو.  وفاقي وزير سيد نويد قمر 7 ڪروڙ 82 لک، سڪندر راھپوٽو 6 ڪروڙ 34 لک سيد اياز شاھه شيرازي 2 ڪروڙ 4 لک ،رفيق جمالي 13 ڪروڙ 52 لک جي ملڪيت ظاهر ڪئي آهي. اھڙي طرح سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ڪراچي ۾ ھڪ ڪروڙ 15 لک جو گھر والد پاران تحفي ۾ مليل 51 ايڪڙ زرعي زمين 3 ڪروڙ روپين جا 2 پلاٽ 34 لک روپين جون گاڏيون 100 تولا سون ۽ بئنڪ بيلنس شامل آهي. ھتي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته قومي اسيمبلي جي 342 جي ميمبرن کان وٺي صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن توڙي سينيٽ جي ميمبرن کان ڪڏهن اليڪشن ڪميشن سوال ڪيو آھي ته توهان جي چونڊجي اچڻ کان پھرين ۽ ان کان پوءِ اثاثن ۾ واڌ جا ڪھڙا ذريعا پيدا ٿي ويا،

جنهن جي نتيجي ۾ اثاثن ۾ بي پناهه اضافو ٿيو آهي. سون جي چمچي ۾ پلجي پارليامينٽ تائين پھچندڙن کان سوال ڪرڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آھي ته کين وراثت ۾ ايڏي وڏي ملڪيت ملي يا وري محنت سان گڏ ڪئي.  مونکي ياد اچي ٿو ته ماضي جي اسيمبلين توڙي موجوده اسيمبلين جي ميمبرن جي اڪثريت پاڻ کي ھميشھ گاڏين جي بغير ظاهر ڪندي رھي آھي ته وٽن ذاتي استعمال لاءِ گاڏي به ناهي. حالانڪه ڄاڻايل ميمبرن جي استعمال ۾ ايندڙ گاڏين جي قيمتن جو اندازو لڳائڻ مشڪل ٿي پوندو آھي. اھڙن ميمبرن جي ظاهر ڪيل اثاثن جا ثبوت ھن وقت به اليڪشن ڪميشن جي فائيلن ۾ موجود آهن جن ۾ 2013 ع جي عام چونڊن ۾ نواز شريف، مولانا فضل الرحمان سميت ڪيئي ميمبرن وٽ ذاتي گاڏيون نه ھيون  ليڪن وري ساڳيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن انھن ميمبرن وٽ ذاتي گاڏيون نه ھونديون ته پوءِ ايڏيون مھانگيون گاڏيون ڪنھن جي نالي تي استعمال ڪندا رھيا يا ھن وقت به استعمال ڪري رھيا آھن جنھن کي بي نامي جو نالو ڏنو ويندو آهي. 2002 ع جي عام چونڊن ۾ سامھون آيل اھڙا ميمبر شامل  آھن جن کي اسلام آباد ۾ پيادل گھمندي ڏسندي ڪجھه عرصي جي اندر کين لکين ڪروڙن جي گاڏين کي  استعمال ڪندي ڏٺو ويو نه صرف اھو بلڪه عاليشان پوش علائقن ۾ گھر خريد ڪري ڇڏيا. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ خواتين جي مخصوص سيٽن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي چونڊ جي آيل ميمبرن کي باقاعده نوازيو ويو جن جو ڪوبه حلقو نه ھو بعد ۾ 2008 ع جي عام چونڊن کانپوءِ يوسف رضا گيلاني وزيراعظم عھدي تي ايندي پنھنجن توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن لاءِ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ خزاني جا منھن کولي ڇڏيا ھئا.

ھوڏانھن شوگر ملز مالڪن جي حوالي سان نظر وجهبي ته آصف زرداري ، نواز شريف ، شھباز شريف ، چوڌري شجاعت حسين ، چوڌري پرويز الاهي ، جھانگير ترين ، همايون اختر سميت ڪيئي سياسي خاندان شامل آهن جن جي شوگر ملن م اضافو ٿيو آهي جڏهن ته باقي ڪاروبار الڳ آھي . آئيني ادارن جي ذڪر جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو اھم ڪردار سامهون اچي ٿو عمران خان کي آخري حد تائين بچائڻ جي لاءِ قومي اسيمبلي جي ان وقت جي  ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري رولنگ ڏئي خط کي سازش قرار ڏنو ھو ته سپريم ڪورٽ نه صرف ان رولنگ خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو بلڪه رولنگ جي خلاف پنجن ڏينهن جي اندر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو ليڪن قاسم سوري جي ڪاميابي جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي ٽربيونل فيصلو جاري ڪندي نئين سر لاڳاپيل تڪ تي ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو جاري ڪيو هو ته سپريم ڪورٽ ان فيصلي جي خلاف قاسم سوري کي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو ھو. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ وقت تي سماعت ڪري فيصلو ڪري ھا ته ڄاڻايل تڪ تي واقعي چونڊن ۾ڌانڌلي ڪئي وئي ھئي يا نه. ماضي جي عام چونڊن جي نتيجن کي ڪڏهن به سياسي پارٽين قبول ناهي ڪيو. 1985 ع جي غير جماعتي چونڊن کانپوءِ 1988 ع کان وٺي 2018 ع جي عام چونڊن جي نتيجن کي ڪنهن به جماعت قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. 2013 ع جي چونڊ نتيجن تي عمران خان ڪميشن جي قيام جو مطالبو ڪيو ليڪن ڪنھن به قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھاڻي جڏھن پارليامينٽرين جا اثاثا سامھون اچي ويا آهن ته اليڪشن ڪميشن کي موقعو آهي ته ڄاڻايل ميمبرن کان سوال ڪن ته سندن ڪھڙا وسيلا ھئا يا آھن جن جي نتيجي ۾ سندن آمدني ۾ اضافو ٿيو آهي .