اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ڪورونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي گذريل ڏينهن واري ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، حڪمنامي مطابق صحت واري وزارت عدالت کي ٻڌايو آهي ته ڪوورنا کي منهن ڏيڻ لاءِ طبي سامان ملڪ ۾ موجود آهي، حڪمنامي ۾ عدالت آڪسيجن سلينڊرن جي قيمت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ هفتي ۾ آڪسيجن سلينڊرن جي قيمت مقرر ڪري ۽ انهن قيمتن جي مقرري وارو طريقو به واضح ڪري، موجوده صورتحال ۾ ملڪ ۾ آڪسيجن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، لکت واري حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسٽيل ملز جي آڪسيجن پلانٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپين جي ضرورت آهي، اسٽيل ملز جو آڪسيجن وارو پلانٽ 40 سال پراڻو آهي، ان پلانٽ کي فعال بڻائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا پنهنجي رپورٽ حڪومت کي ڏيندي اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت هر صورت ۾ ملڪ اندر آڪسيجن جي فراهمي کي يقيني بڻائي ۽ ان جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي، لکت واري حڪمنامي ۾ عدالت اين ڊي ايم اي جي رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي جا سمورا مامرا شفاف ناهن، الحفيظ ڪرسٽو پلاسٽ نالي ڪمپني طبي اوزار ٺاهڻ لاءِ مشينري درآمد ڪئي، ان جي ڊيوٽي واري رقم روڪ ادا ڪئي وئي، ان رقم بابت ڪو به دستاويز جمع ناهي ڪرايو ويو ، الحفيظ ڪمپني جي مشينري گهرائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 72 لک 5 هزار جي رقم ڪهڙي ڪرنسي ۾ ادا ڪئي وئي اهو نه ٻڌايو ويو آهي، چين ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ذريعي مشينري جي خريداري سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني کان پوءِ ٿيندي.