دادلغاري (ن پ ا) دادلغاري واسي ھرکجي اغوا ٿيل نوجوان 18 ڏينھن بعد راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ٿي گهر پهتو آهي. نوجوان امام بخش پتافي 18 ڏينھن اڳ عورتاڻي واز تي ھرکجي رانوتي جي ڪچي مان اغوا ٿي ويو ھو، جنھن کي گذريل ڏينھن راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ڪرايو ويو آھي. ياد رهي ته نوجوان جي وارثن کان ڏوھارين 20 لک ڀنگ پڻ طلب ڪيو ھو.