ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ڀرسان اغوا ٿيل ٻه ڄڻا بازياب ٿي گهر پهچي ويا، پوليس پاران مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين جي گرفتار يل عورتن جي آزادي عيوض ڊيل تحت مغوين جي بازيابي عمل ۾ آ؟ي آهي. خبر موجب ڳوٺ مهرو ماڙي مان اغوا ٿيل نظام الدين چاچڙ ۽ بشير چاچڙ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي، ناپرڪوٽ پوليس موجب ٻنهي مغوين کي ڪچي مان آپريشن ذريعي بازياب ڪرايو ويو آهي، پوليس موجب ٻن ڏينهن کان ڪچي ۾ سرچ آپريشن هلندڙ هو، ڌاڙيلن جي ٺڪاڻن تي پهچڻ بعد ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، جڏهن ته ڏوهاري فرار ٿي ويا. ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٻن ڏينهن کان راڄوڻي ذريعي مغوين جي بازيابي لاءِ ڳالهيون هلندڙ هيون، پوليس پاران ڏوهارين جون گرفتار ڪيل عورتون آزاد ڪرڻ واري ڊيل تحت چڱن مڙسن جي معرفت ٻنهي مغوين جي بازيابي عمل ۾ آئي آهي. پوليس پاران مغوين کي کڻي اچڻ بعد انڊس هاءِ وي تي خوشي وچان فائرنگ ڪئي وئي.