سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل مامرو، بختاور سومرو منظر عام تي اچي وئي.حسين صديقي مٿان الزام لڳائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون توڙي هراسان ڪيو ويو، ٽن ڏينھن تائين کيس ھاسٽل ۾ يرغمال بڻائي زبردستي بيان ڏياريو ويو. آءِ بي اي يونيورسٽيءَ سکر جي شاگرد رھندڙ ۽ انٽرني بختاور سومرو ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي ۽ سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته جيڪو ڪجهه چيو اُھا حقيقت آھي، ثبوت موجود آھن، انھن کي خبر ھئي ته جيڪڏھن انڪوائري ٿي ته حقيقت سامھون اچي ويندي، تنھن ڪري وائيس چانسلر مير محمد توڙي رجسٽرار زاھد کنڊ پنھنجي ڪاميٽيءَ ٺاھي، ھن الزام مڙھيندي چيو ته وائرل ٿيل وڊيو ۾ جن مٿان الزام ھنيو انھن پنھنجي ڪاميٽي ٺاھي، وڊيو کان اڳ مسجد ھڪ کان وڌيڪ ڀيرا وئي ھئس، ڪاميٽي اُھا وڊيو سليڪٽ ڪئي جنھن ۾ حسين صديقي جي ٻارڙن مون سان اُن جي نمبر تان رابطو ڪيو ھو، مرحوم نثار صديقي جا ڏوھٽا ۽ ڏوھٽيون ھر وقت رابطي ۾ ھوندا آھن، ھاسٽل توڙي آفيس به ايندا رھندا آھن، پنھنجا رستا صاف ڪرڻ جي لاءِ ھنن مون کي استعمال ڪيو، ھنن مون کي حسين صديقي مٿان الزام مڙھڻ جو چيو، جنھن لاءِ مون کي گھر،گاڏي سميت ٻيون لالچون ڏنيون ويون ته حسين صديقي مٿان الزام لڳايو، آءِ بي اي جي ڀلائي لاءِ وڊيو ٺاھي، بختاور سومرو الزام مڙھيندي وڌيڪ چيو ته مون کي مارائڻ، اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، مسلسل انڪار بعد مون کي 3 ڏينھن اغوا ڪري ھاسٽل ۾ بند ڪيو ويو، ھاسٽل وارڊن سميت جن تي الزام ھيو انھن کي بيھاريو ويو، ھاسٽل ۾ سيڪيورٽي گارڊن کي اجازت ناھي اُھي منھنجي ڪمري ٻاھران بيھاريا ويا، جنھن جي سي سي ٽي وي فٽيج به آءِ بي اي ۾ موجود آھي. منھنجو موبائل، ليپ ٽاپ کسيو ويو، روم ۾ اچي سمورو سامان به کڻي ويا آھن، اداري لاءِ سچائي آھي، فيملي سان رابطو ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي، مسلسل فونز باوجود وارثن کي سچ نه پيو ٻڌايو وڃي. بختاور سومرو جو وڌيڪ الزام مڙھيندي چيو ته ايس ايس پي عرفان سمون اچي مارڻ ۽ اغوا جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، تمام گھڻو پريشرائيز ڪيو ويو مجبور ٿي اھڙو بيان ڏنو ھو، مون لکت ۾ به بيان ڏنو آھي جنھن ۾ ڪٿي به ناھي لکيو ته لاڳاپيل الزام ڪوڙا آھن، آءِ بي اي ۾ اھي مسئلا موجود آھن، حق ڳالھائڻ جي ھر ماڻھوءَ کي اجازت آھي، ھڪ نياڻيءَ ھجڻ ناتي کيس ٽارچر ۽ پريشان ڪيو ويو، رجسٽرار زاھد کنڊ جنھن تي الزام ھنيو اھو جج ٿي انڪوائري پيو ڪري، پي ايم عمران خان توھان چوندا اھيون يوٿ پاڪستان جو فيوچر ٺاھيندي، اسان انصاف جي رستي تي ھلون ٿا ته سپورٽ ڇو ناھي، حق ۽ سچ ڳالھائڻ تي ڇو ٿو پريشان ڪيو وڃي، ھزارين ٻارن کي فنڊ جنريٽ ڪرڻ لاءِ فيل ڪيو پيو وڃي، ڌمڪايو پيو وڃي، اڄ مون کي دٻايو ويو ته آئيندا اِھا ئي ڪرپشن ھلندي رھندي ۽ ڪو به نه بيھندو، ايس ايس پي عرفان سمون ڪاميٽيءَ جو ميمبر به نه ھيو ان کي ڇو گھرايو ويو؟، ايس ايس پي، عورت پوليس اھلڪارن ذريعي کنڀڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، نثار صديقي ۽ آءِ بي اي سان سچي آھيان جان جي پرواھ ناھي، جيڪي ڇوڪريون انھن سان وڌيڪ فري ٿينديون آھن انھن کي سپورٽ ڪيو ويندو آھي، اسان گريجوئيٽ ٿياسين ته اسان کي ڪا سپورٽ نه ڪئي وئي، ھڪڙي ڇوڪري انھن سان رابطي ۾ آھي اُنھن کي ٽوئر به ڪرايو ويو، سي ايم صاحب ھي ڪيس ڪراچي کڻي وڃون. بختاور سومرو وزير اعظم پاڪستان، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته ان معامري جي شفاف جوڊيشل جاچ ڪرائي وڃي ته جئين حقيقتون سامھون اچي سگھن.