سکر: آءِ بي اي وڊيو اسڪيڊل نئون موڙ اختيار رڻ کان پوءِ جاچ ڪاميٽي طرفان ذميوار قرار ڏنل ڊپٽي ڊائريڪٽر ايچ آر حسين صديقي سان رابطو ڪري موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ھن ڪو به موقف نه ڏنو، البتا ھڪڙي وڊيو سامھون آئي آھي جنھن ۾ حسين صديقي جي رھائش گاھ ويجھو بيريئر لڳائي اُتي سيڪيورٽي گارڊ بيھاريا ويا آھن جيڪي ڪينٽين توڙي ٻين ھنڌن ڏانھن وڃڻ تي ان جي ٻارڙن کي به منع ڪري رھيا آھن. اھڙي طرح ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو به موقف سامھون ناھي اچي سگھيو.