واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ پاڪستان لاءِ ملٽري ايجوڪيشن ۽ ٽريننگ پروگرام جي رقم رکي ڇڏي، آمريڪا پاران ايندڙ سال جي ڄاڻايل بجيٽ پيش ڪئي، جنهن موجب تربيتي پروگرام لاءِ 35 لک ڊالرز مختص ڪيا ويا، پاڪستان لاءِ اڪنامڪ سپورٽ فنڊ جي رقم به وڌائي وئي، اڪنامڪ سپورٽ فنڊ تحت 4 ڪروڙ 75 لک ڊالرز رکڻ جي تجويز ڏني وئي، پاڪ، افغان سرحد تي واپاري سرگرمي وڌائڻ جو به اعلان ڪيو ويو، خطي ۾ منشيات جي روڪٿام لاءِ 10 ڪروڙ 78 لک ڊالرز رکيا ويا، رقم جو هڪ حصو پاڪ، افغان بارڊر سيڪيورٽي تي لڳايو ويندو، انهي رقم جو هڪ حصو مڪران ڪناري جي سيڪيورٽي تي به لڳايو ويندو، پاڪستان ۾ صحت ۾ صحت جي سهولتن جي مدد لاءِ هڪ ڪروڙ 80 لک ڊالرز رکيا ويا آهن.