اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ جي وفاقي وزارت صحافي اسد طور مٿان ٿيل حملي بابت وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪالهه اعليٰ ترين سطح تي سڌ سماءَ وزارت ۽ انٽر سروس انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) وچ ۾ رابطو ٿيو آهي، اسلام آباد ۾ ٿيل واقعي ۾ هڪ ڊجيٽل ميڊيا جي صحافي اسد طور کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو جنهن کان آءِ ايس آءِ لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙن الزامن جو تسلسل ظاهر ڪري ٿو ته هڪ منظم سازش تحت آءِ ايس آءِ کي ففٿ جنريشن وار فيئر جو نشانو پيو وڃي، آءِ ايس آءِ سمجهي ٿي ته جڏهن سي سي ٽي وي ۾ ملزمن جون شڪليون واضح طور تي ڏسي سگهجن ٿيون ته پوءِ جاچ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ اچڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ آءِ ايس آءِ جاچ ڪندڙ ادارن سان مڪمل تعاون ڪندي، سڌ سماءَ وزارت ان حوالي سان اسلام آباد پوليس سان رابطي ۾ آهي ۽ اميد آهي ته جوابدار جلد قانون جي پڪڙ ۾ هوندا، بغير ثبوتن جي ادارن مٿان الزامن جي روش ختم ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان منفي روايتون ملڪ جي ادارن خلاف سازش جو حصو آهن ۽ جلد اصل ڪردار بي نقاب ٿيندا. هوڏانهن گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پوليس ۽ ايف آءِ اي گڏجي جاچ ڪنديون، واقعي ۾ جيڪو به ملوث هوندو ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، هن چيو ته صحافي اسد طور تي حملي جا اهم وڊيو ثبوت مليا آهن. شيخ رشيد چيو ته صحافي تي حملي واري معاملي ۾ ڪجهه ماڻهو اجايو ادارن کي ملوث قرار ڏيڻ چاهين ٿا.