اسلام آباد (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت خلاف گول ڪرڻ واري هئي ته پ پ ڇڏي وئي، تحريڪ کي ٻيهر تيز ڪرڻ لاءِ عوامي رابطا مهم جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پي ڊي ايم جو چارٽرڊ عوامي خواهشن جي ترجماني آهي، پي ڊي ايم اپوزيشن ليڊر کي پارليامينٽ ۾ موثر حڪمت عملي بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ 9 جماعتن جو فيصلو ڪيوهو ته 26 مارچ تي لانگ مارچ ڪيو وڃي ۽ ان کانپوءِ اپوزيشن پارٽيون اجتماعي استعيفائون ڏين پر هڪ پ پ مخالف ڪئي ۽ اڪثريت جي گڏيل فيصلي کي ويٽو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اسان ڊي تي پهتاسين ۽ گول ڪرڻ وارا هئاسين ته پ پ هلي وئي ۽ تحريڪ ٽٽي وئي، هاڻ پي ڊي ايم ٻيهر تحريڪ کي تيز ڪرڻ لاءِ عوامي رابطا مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت ڪيرائڻ لاءِ هر جمهوري رستو اختيار ڪنداسين.

اسلام آباد: پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ نيئر بخاري چيو آهي ته هي پي ڊي ايم نه هم خيال گروپ جو اجلاس هو، پي ڊي ايم ان جماعت جو مجموعو هو جنهن ۾ پ پ ۽ اي اين پي شامل هئي، هي حڪومت کي ڊيگهه ڏيڻ چاهين ٿا. نجي ٽي وي سان ڳالهائندي نيئر بخاري چيو ته پي ڊي ايم جي هڪ اجلاس ۾ به فيصلو نه ٿيو هو ته لانگ مارچ دوران استعيفائون ڏينداسين، پي ڊي ايم جو نالو استعمال ڪري هي جيڪي فيصلا ڪري رهيا آهن، اهي ڪهڙا فيصلا ڪن ٿا؟، ڪيڏانهن ويو هنن جو لانگ مارچ؟ استعيفائون ڪيڏانهن ويون؟ پنجاب اسيمبلي ۾ استعيفائون ڇو نه ٿا ڏين؟ هن چيو ته پيپلزپارٽي محتاج جماعت ناهي، پي ڊي ايم شوڪاز نوٽيس تي معافي وٺي ته معاملو ٺهي سگهي ٿو. اسان اڪيلا ناهيون، پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر حڪومت خلاف اپوزيشن ڪندار هنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز ليگ ۽ ٻيون اپوزيشن پارٽيون گرائونڊ ۾ به نه آيون هيون، گول ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي،