آمريڪا ۾ روڊ تي ڊالرن جي برسات، شهرين جا ٺَٺَ

0
654
آمريڪا ۾ روڊ تي ڊالرن

ڪراچي(م ڊ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي هاءِ وي تي ڊالرن سان ڀريل ٽرڪ جو دروازو اوچتو کلي  ويو، جنهن سان روڊ تي ڊالرن جي برسات شروع ٿي وئي

پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي شهر سين تياگو جي انٽر اسٽيٽ هاءِ وي 5 تي اوچتو ٽرڪ جو دروازو کُليو ۽ هر طرف نوٽ ئي نوٽ پکڙجي ويا

روڊ تي پنهنجي منزل ڏانهن ويندڙ گاڏين ۾ سوار ماڻهن به موقعي جو فائدو وٺندي گاڏيون روڪيون ۽ ڊالرن جي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني جنهن سبب ماڻهن جو هجوم گڏ ٿي ويو ۽ روڊ بلاڪ ٿي ويو