اينٽي ڪرپشن چيئرمين ميرپورخاص جي سرڪل آفيسر منظور ميمڻ کي معطل ڪري ڇڏيو

0
366
اينٽي ڪرپشن چيئرمين ميرپورخاص

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن چيئرمين ميرپورخاص جي سرڪل آفيسر منظور ميمڻ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته  منظور ميمڻ تي ڪرپشن ۽ مس ڪنڊڪٽ جا الزام آھن، منظور ميمڻ کي ھيڊڪوارٽر رپورٽ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته منظور ميمڻ تي مختلف آفيسن تي ڇاپا ھڻي رڪارڊ کڻڻ ۽ رشوت وٺڻ جا به الزام آھن

ميرپور خاص ۾ اينٽي ڪرپشن ۾ ڪرپشن واري معاملي جو سختي سان نوٽيس کانپوءِ بنگل خان مهر جي هدايتن تي اينٽي ڪرپشن چيئرمين محمد نواز شيخ  موڪل واري ڏينهن به پنهنجي اسٽاف سميت آفيس ۾ ويهي ڪم ڪيو

چيئرمين اينٽي ڪرپشن محمد نواز شيخ جو چوڻ آهي ته بنگل خان مهر جي هدايتن تي ميرپور خاص ۾ ڪرپشن ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي جو آغاز ڪيو ويو آهي

هن چيو آهي ته ڪرپشن جي الزام هيٺ سرڪل آفيسر منظور ميمڻ کي معطل ڪري هٽايو ويو  ۽ ٻين آفيسرن خلاف وڌيڪ ڪارروائي لاءِ چيف سيڪريٽري کي سفارش ڪئي وئي آهي، اسان جو ادارو ڪرپشن جي خلاف آهي، هن اداري اندر ڪو به آفيسر ڪرپشن ڪندو ته ان کي معاف نه ڪيو ويندو