ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ڊي اي جي 163 ڪانٽريڪٽي ملازمن جي برطرفي خلاف داخل درخواست تي ڪي ڊي اي جي ڊي جي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري  ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، ان ڏس ۾ پاسبان پنهنجي درخواست ۾ اختيار ڪيو آهي ته ڪي ڊي اي جي مختلف سيڪشن ۾ سال 2012ع کان  163 ملازم ڪم ڪري رهيا هئا، جن جي ڪانٽريڪٽ ۾ هر سال واڌ ٿيندي هئي، گذريل سال سندن ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ ڪرڻ بدران کين فارغ ڪيو ويو، عدالت کي استدعا آهي ته ملازمن کي نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.