واشنگٽن (م ڊ) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کي افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ پاڪستان کان ڪارروائي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جا جنگ نه پر امن ۾ ڀائيوار آهيون، افغانستان مان نيڪالي کان اڳ مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو، پاڪستان کان سرحد پار ڪارروائي جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪشمير مسئلو حل ٿئي ته ايٽمي هٿيارن جي ضرورت ئي نه پوندي. آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان افغان صورتحال، ڪشمير صورتحال، اسلامو فوبيا سميت مختلف معاملن تي ڳالهايو. آمريڪي ٽي وي اينڪر سوال ڪيو ته ڇا اوهان آمريڪي حڪومت کي افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي کي اڏا ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم واضح ڪندي چيو ته افغانستان ۾ فوجي ڪارروائي لاءِ پاڪستان هرگز آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏيندو، افغان ۾ امن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان ڏنيون آهن، 70 هزار پاڪستانين زندگيون ڏنيون، پاڪستان ۾ هن وقت 30 لک افغان پناهگير آهن، اسان آمريڪا جا امن عمل ۾ ڀائيوار آهيون جنگ ۾ نه، پاڪستان ڪنهن به ويڙهه جو حصو ٿيڻ نه ٿا چاهيون. عمران خان آمريڪا کي مشورو ڏيندي چيو ته آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ کان اڳ مسئلي جو سياسي حل ڪڍي، جيڪڏهن انتظام بنا افغانستان کي ڇڏيو ويو ته رٿو ڇاڻ ٿيندي، طالبان مڪمل طور تي ڪنٽرول سنڀالي ورتو ته رتوڇاڻ وڌندي، آئون طالبان جو ترجمان ناهيان، افغانستان مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه سان ئي ڪڍي سگهجي ٿو. وزيراعظم پاڪ، ڀارت لاڳاپن تي ڳالهائيندي چيو ته آئون وزيراعظم ٿيس ته ڀارت ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو، جڏهن ته مودي سرڪار والاريل ڪشمير جي حيثيت تبديل ڪرڻ وارو هڪطرفو فيصلو ڪيو، جنهن مان مون اندازو لڳايو ته مودي آر ايس ايس جي نظرئي جو حامي آهيان، هاڻ ڀارت سان ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن 5 آگسٽ وارو قدم واپس وٺي. وزيراعظم عمران خان ڪشمير بابت اولهه کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظلمن تي اولهه جي خاموشي منافقت آهي، اولهه کي ڪشمير جي مسلمانن جو درد نظر ڇو نه ٿو اچي؟ نائن اليون بعد اولهه ۾ مسلمانن لاءِ نفرت وڌي آهي، اسلامو فوبيا خلاف قدم کڻڻا پوندا، اسلامي دنيا ۽ اولهه معاشري رابطي ۾ فقدان آهي. آمريڪا سان لاڳاپن ۽ سي آءِ اي سربراهه جي تازي پاڪستان جي دوري بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته نائن اليون کانپوءِ پاڪ، آمريڪا جي انٽيليجنس ايجنسيز مسلسل رابطي ۾ آهن پر مون سي آءِ اي سربراهه سان ملڻ کان انڪار ڪيو، سي آءِ اي سربراهه پاڪستان اچي آءِ ايس آءِ چيف سان مليو، جڏهن ته بائيڊن سان آمريڪا جو صدر ٿيڻ بعد منهنجو رابطو ناهي ٿيو. صحافي سوال ڪيو ته آمريڪي صدر سان رابطي نه ٿيڻ جو ڪو سبب آهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته جڏهن ان وٽ وقت هجي ته مون سان ڳالهائي سگهي ٿو پر هن وقت اهو واضح آهي ته هن جون ترجيحون ڪي ٻيون آهن. صحافي سوال ڪيو ته انٽيليجنس تجزئي نگار چون ٿا ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان وٽ ايٽمي هٿيار سڀ کان وڌيڪ تيزي سان وڌي رهيا آهن، ايئن ڇو؟ جنهن جي جواب ۾ عمران خان چيو ته مونکي خبر ناهي ته هو اها ڳالهه ڪٿان کڻي آيا؟ پاڪستان جا ايٽمي هٿيار پنهنجي دفاع لاءِ آهن، جيئن اسان پاڻ کي محفوظ رکي سگهون، منهنجو خيال ناهي ته ايٽمي هٿيار وڌي رهيا آهن، جيتري قدر مونکي معلوم آهي ته اها جارحاڻي شئي ناهي، ڪوئي به ملڪ جنهن جو پاڙيسري ان کان 7 ڀيرا وڏو هجي، اهو پريشان هوندو، آئون ايٽمي هٿيارن جي مڪمل خلاف هيس ۽ هميشه کان رهيو آهيان، اسان ڀارت سان 3 جنگيون وڙهيون، جڏهن کان اسان وٽ ايٽمي هٿيار آيا، ٻنهي ملڪن ۾ ڪابه جنگ ناهي ٿي، رڳو سرحدن تي جهڙپون ٿينديون آهن، جڏهن ڪشمير مسئلو حل ٿي ويو ته ايٽمي هٿيارن جي ضرورت به نه پوندي. صحافي سوال ڪيو ته اوهان اولهه ۾ اسلامو فوبيا تي گهڻو ڳالهائيندا آهيو پر چين ۾ ايغور مسلمانن جي نسل ڪشي تي خاموش ڇو آهيو؟ جنهن جي جواب ۾ عمران خان چيو ته چين سان سمورن معاملن تي بند دروازن پويان ڳالهيون ٿينديون آهن، چين سڀ کان ڏکئي وقت ۾ اسانجو سڀ کان بهترين دوستن مان هڪ آهي، جڏهن اسان واقعي مشڪل ۾ هئاسين ته چين اسانجي مدد لاءِ آيو، اهو جئين به آهي اسان ان جو احترام ڪريون ٿا، هن چيو ته آئون دنيا ۾ ڏسندو آهيان ته فلسطين، ليبيا، صوماليا، شام ۽ افغانستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ته ڇا آئون به هر شئي تي ڳالهائڻ شروع ڪريان؟ آئون پنهنجي سرحد ۽ ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، ان تي ڌيان ڏيندو آهيان. ملڪي سياست جي حوالي سان عمران خان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ 2 خاندانن 30 سالن تائين حڪمراني ڪئي، طاقتور طبقي کي قانون جي ماتحت آڻڻ چاهيان ٿو، منهنجو سياست ۾ اچڻ جو مقصد غربت جو خاتمو ۽ فلاحي رياست جو قيام آهي، ڪورونا دوران اسان مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي، جيڪا تمام گهڻي ڪامياب ٿي. وزيراعظم کان ريپ کي فحاشي سان جوڙڻ واري بيان بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته سراسر بڪواس آهي، مون ايئن ناهي ڪيو، مون پردي جي تصور جي ڳالهه ڪئي هئي ته پردي جو تصور آهي ته معاشري ۾ فتني کان پاسو ڪيو وڃي. ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته پاڪستان هڪ مڪمل مختلف معاشرو آهي، جيڪڏهن اوهان معاشري ۾ جنسي فتني کي هٿي ڏيندا ۽ انهن نوجوانن وٽ ڪيڏانهن وڃڻ جو رستو نه هوندو ته ان جا اثر پوندا. صحافي سوال ڪيو ته ڇا اوهان سمجهو ٿا ته عورتن جي لباس جو ڪو اثر ٿيندو آهي، ڇا اهو فتني جو حصو آهي؟ جنهن تي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن عورتون مختصر لباس پائينديون ته ان جو مرد تي اثر ٿيندو، مرد روبورٽ ناهن، اولهه ۽ اوڀر جي ڪلچر ۾ فرق آهي، اسانجي معاشري ۾ اولهه وانگر ڊسڪو يا نائيٽ ڪلب ناهن، جڏهن اسان ڏسنداسين ته جنسي ڏوهه تمام گهڻا وڌي ويا آهن ته اسان ويهنداسين ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، ڇاڪاڻ جنسي ڏوهن جو منهنجي معاشري تي اثر پوندو آهي، جنسي ڏوهه روڪڻ لاءِ معاشري جي هر فرد کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، فلمن ۽ ڊرامن جو اثر ٿيندو آهي، اسان کي ٻين کان متاثر ٿيڻ بدران پنهنجي معاشري طرزِ زندگي جي مطابق فلمون ۽ ڊراما ٺاهڻ گهرجن.