ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي، ايترو ڪم بوزدار ۽ عمران خان به نٿا ڪري سگھن، وفاق کان صوبي جا معاشي ۽ آئيني حق کسَي وٺنداسين، حق ملڻ تائين ترقي نه ٿيڻ جا طعنا برداشت نه ڪنداسين، ڪنهن جَي چوڻ تي آئيني حقن تي سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، 18هين ترميم کانپوءِ صوبن جون ذميواريون وڌيون پر نئون مالياتي ايوارڊ نه ڏنو ويو، ڪيستائين صوبائي حق ڦٻائڻ جو ظلم برداشت ڪنداسين؟ صوبي ۾ روزگار کسي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟ عوام تائين شهيد بينظير ڀٽو جو پيغام پهچائڻو آهي ته جيئن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهيون، جيڪو جمهوري هجي، جيڪو عام ماڻهو کي اٽو، لٽو ۽ اجھو پهچائي، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو ۽ ڪابينا جا ميمبر شريڪ ٿيا، سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته جيڪو نئون پاڪستان اسان اڳيان ٺهي رهيو آهي، ان ۾ عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجھو کسيو پيو وڃي، قائد عوام ۽ بينظير ڀٽو جيڪو جمهوري خواب ڏيکاريو، اهو به اسان کان کسيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪجهه طاقتون، ڪجهه سياسي پارٽيون ۽ ڪجهه ماڻهوآئين تي حملي آور آهن ، اسان کي قائد عوام جي ڏنل 1973ع واري آئين جو دفاع ڪرڻو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته تازو جڏهن ارسا پاڻي ورڇ ۾ ناانصافي ڪئي، جڏهن ٽن صوبن جي ڳالهه نه مڃي وئي ته پ پ آواز اٿاريو ته بلوچستان، سنڌ ۽ ڪي پي جي آواز کي نظر انداز نٿا ڪري سگھو، ارسا جي ظلم سبب سنڌ جي پڇڙي وارن علائقن ۾ 60 سالن ۾ سڀني کان وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو، اوهان جي جدوجهد سبب ارسا کي پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻو پيو، هن چيو ته وڏي وزير مراد شاهه سڄي ملڪ ۾ وفاقي حڪومت کي ايڪسپوز (وائکو) ڪيو آهي ته وفاقي سرڪار ڪيئن ناانصافي ڪندي پي ايس ڊي پي ٺاهي آهي؟ ڪهڙي طريقي سان صرف هڪ صوبي کي نشانو بڻائي ان جي هر اسڪيم کي هٽايو ويو آهي، وفاق پاران واعدو ڪيو ويو ته ڪراچي لاءِ هڪ ٽريلين ( هڪ کرب) بجيٽ ملندي، مون کي ڪراچي لاءِ اهي ٽريلين رپيا نظر نه آيا، گذريل سال سنڌ صوبي ۾ تاريخي برساتون ٿيون، ڪراچي کان ويندي عمرڪوٽ، ٺٽي، بدين، سانگھڙ ۾ هر طرف تباهي هئي، پ پ وفاق ۾ اقتدار ۾ هجڻ وقت مستحقن کي پاڪستان ڪارڊ ڏيندي هئي، هن دفعي عوام کي لاوارث ڇڏيو ويو، هاڻي سنڌ جي روزگار واري حق تي حملا ٿي رهيا آهن، اسٽيل ملز مان 10 هزار ماڻهن کي بيروزگاري جو مقابلو ڪرڻو پوندو، ايف آءِ اي جي سنڌ سان تعلق رکندڙ انهن آفيسرن، جن کي 90 واري ڏهاڪي ۾ نوڪريون مليون هيون، کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، آئون حيران آهيان ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن بند پيل آهي، جڏهن ته ٻين صوبن ۾ اهي ادارا هلن ٿا، سنڌ ۾ 2016ع کان جن کي روزگار مليو آهي، موجوده مشڪل دور ۾ انهن جون نوڪريون خطري ۾ آهن، مشڪل معاشي حالتن ۾ اسان جي نوجوانن کي بيروزگار ڪرايو پيو وڃي، اسان جدوجهد ڪنداسين ته جيئن نالائق ترين حڪومت اوهان کان نوڪريون کسي نه سگھي، سنڌ حڪومت ۽ پ پ انهي ظلم جو ڪو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنديون، هن چيو ته سڀئي مڃن ٿا ته مسئلا آهن، ميڊيا مڃي يا نه مڃي، وڏا وڏا ماڻهو مڃن يا نه مڃن، سنڌ ۾ ڪم ٿيو آهي، سنڌ ۾ اهڙا ڪم ٿيا، جيڪي ڪو به بوزدار يا عمران خان نٿو ڪري سگھي. جيڪڏهن ڪنهن صوبي ۾ غربت ۾ گھٽتائي آئي آهي ته اهو به سنڌ صوبو آهي، جڏهن ته ڪي پي ۾ غربت ۾ گھٽتائي بدران اضافو ٿيو آهي، اسان ٻين صوبن کان بهتر ڪم ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙي جي جي ڊي پي هجي يا شهري جي ڊي پي، اسان ٻين صوبن کان گھڻو اڳتي آهيون، هن چيو ته اسان کي طعنو ڏنو وڃي ٿو، ڪردارڪشي ڪئي ويندي آهي ته سنڌ ۾ ڪجهه به ناهي، اسان ملازمن جي پگھارن ۾ اضافو ڪيو، ماهوار اجرت (ويج) وڌائي 25000 رپيا ڪئي، مختلف پروگرام شروع ڪرڻ سان غربت ۾ گھٽتائي آئي، اسان بزنس ڪميونٽي (واپارين) سان چورن وانگر سلوڪ نٿا ڪريون، انهن کي آهستي آهستي ٽيڪس نيٽ ۾آڻي رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صوبن جا حق کسي وٺنداسين، جيستائين حق نٿا ملن ته اهو طعنو برداشت نه ڪنداسين ته سنڌ ۾ صورتحال خراب آهي، جيڪڏهن صوبي ۾ صورتحال خراب آهي ته اهو به مڃو ته 18 هين ترميم تحت صوبن کي ذميواريون گھڻيون مليون، گھڻا اختيار مليا پر ترميم بعد به هڪ نئون اين ايف سي ايوارڊ نه ڏنو ويو، صوبن کي وسيلا نه ڏنا ويا ته اهي نون ذميوارين تي صحيح طريقي سان عمل ڪن، اسان اهو طعنو برداشت نه ڪنداسين ته گورننس جو مسئلو آهي، جيستائين اوهان حق نه ڏيندو، گورننس جو مسئلو رهندو، سروس ڊليوري ( ترقي ) جو مسئلو رهندو، هي آپشنل حق ناهي، آئيني حق آهي، هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم جي عهدي يا ان جي ڪرسي مان آئين جي توهين ٿيندي آهي ته اهو دستور جي توهين آهي، پ پ چيئرمين چيو ته اڄ به پارليامينٽ، ٻين ادارن، ٽي وي ۽ جڳهه جڳهه تي اهڙا ماڻهو ويٺا آهن ،جيڪي اوهان کي ليڪچر ڏيڻ ڄاڻندا آهن، انهن لاءِ هي شعر آهي ته “تم سي پهلي ڀي يهان ايڪ شخص تخت نشين ٿا، اسي ڀي اپني خدا هوني پر اتنا هي يقين ٿا، هاڻي اهو شعر ڪنهن لاءِ آهي، هي شعر ته هيترن سارن ماڻهن لاءِ آهي، هي شعر هر ڪنهن فرد لاءِ استعمال ٿي سگھي ٿو، ان ڪري ڪير هن شعر کي ذاتي طور نه وٺي، جن کي وڌيڪ تڪليف ٿي رهي آهي، انهن کي چوان ٿو ته اوهان جي باري ۾ ڳالهه نه ڪري رهيو آهيان، افسوس آهي جو پاڪستان ۾ هيترا وڏا ايگوز (انا پرست) آهن، اهي سمجھن ٿا ته هر ڳالهه اسان خلاف ٿي رهي آهي، پوءِ وري انهن کي جواب ڏيڻو پوي ٿو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان عوام لاءِ حق جي ڳلاهه چوندا رهنداسين. بلاول ڀٽو وڏي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته صوبي ۾ بيچيني پيدا ڪرڻ ۽ ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪو وفاقي ڪٺ پتلي پهچي تنقيد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ وري ڪٿان ڪو شورپرست اٿي ڪجهه ٻيو چوڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، پوءِ واري اهي، جيڪي لنڊن مان ريموٽ ڪنٽرول وارا آهن، اهي به شروع ٿي ويندا آهن، سي ايم صاحب! اوهان جي ذميواري صوبي جي حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي، ڪنهن ٻئي جي بڪواس ٻڌڻ اوهان جي ذميواري ناهي، اوهان ڪنهن جي به خوف ۾ نه اچو، ڪير پتلي آهي يا ڪو ٻيو، اوهان جي سامهون ۽ هن صوبي جي عوام سامهون ڪا حيثيت نٿا رکن. هن چيو ته مون کي افسوس ٿيو ته انصاف جي اداري سپريم ڪورٽ اڳيان “بچاديا بحريا ٽائون اور گردايا اورنگي ٽائون، بچاديا بني گالا اور گراديا گجر نالا” وارا نعرا لڳا، هي ته تمام گھڻو غلط امپريشن (تاثر ) وڃي رهيو آهي، شايد سپريم ڪورٽ ۾ غلط انفارميشن وڃي ٿي، بني گالا کي ته گھٽ قيمت تي ريگيولرائيز ڪيو ويو، گجر نالي تي گند ڪچري ۾ مجبور ماڻهو رهن ٿا، عدالت فيصلو ٻڌايو آهي پر اسان پنهنجو رول ادا ڪنداسين، اسان کين اجها ڏيندسين، هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي، جتي اسان زمين نٿا ڏئي سگھون، ان تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، توهان ڀلي پابندي لڳايو ته اسان اميرن کي زمين نه ڏئي سگھون پر اها اجازت ڏني وڃي ته صوبي جي غريبن کي زمين ڏئي سگھون. هن چيو ته احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، ڪير سمجھي ٿو ته آئون غلط آهيان ته منهنجي خلاف به احتجاج ڪندا رهو پر ڪنهن کي ڪنهن جي محنت ۽ ڪردار کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان هزار ڀيرا احتجاج ڪريو پر پاڻ کي نقصان ٿيڻ نه ڏيو، هڪ سازش آهي ته توهان کي دهشتگرد ۽ انتهاپسند قرار ڏنو وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ اسان سڀني کي صوبائي حقن ۽ وسيلن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي، سنڌ جو پُرامن نوجوان جدوجهد ڪرڻ ڄاڻي ٿو، هڪ ڪوشش آهي ته انهي نوجوان جِي سڃاڻپ دهشتگرد وارِي هُجي، سنڌ ۾ متحده لنڊن جَي سربراهه وارِي سياست واپس آڻڻ ۽ ڀائرن کي ويڙهائڻ جِي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت کي به اهڙا قدم کڻڻا پوندا ته جيئن ڀَٽڪِي ويل ماڻهو صحيح دڳ تي اچن، عوام جا مطالبا جائز آهن، حڪومت کي غور ڪرڻو پوندو ته مسئلن کي ڪيئن حل ڪري سگهجي ٿو؟ اهڙو معاهدو ڪرڻو پوندو ته جيئن رِيئَل اسٽيٽ ۽ ٻين منصوبن ۾ مقامي ماڻهن جِي مالڪي هجَي. هن چيو ته هڪ فورم ٺاهيو وڃي، ڪو شهري سمجھي ٿو ته ريئل اسٽيٽ ۾ ساڻس فراڊ ٿيو، زمين تي قبضو ڪيو ويو. ان شهري کي فورم تي قانوني مدد ملي. باقي ڪنهن کي اها اجازت نه ڏني ويندي ته اچي ملڪيتون ساڙي.