سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت سکر جيلن ابت صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ ۽ ڪرپشن وارن داخل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران اعجاز جکراڻي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، احتساب عدالت جي جج فريد انور قاضي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، مختتصر ٻڌڻي بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 31 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي. نيب طرفان ھڪ ريفرنس اعجاز جکراڻي سميت 5 جوابدارن ۽ ٻيو ريفرنس اعجاز جکراڻي سميت 13 ڄڻن خلاف ڪروڙين رپين جي ڪرپشن متعلق داخل ٿيل آھن، جنھن ۾ اعجاز جکراڻي طرفان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت حاصل ڪئي آھي.