راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف قمر جاويد باجوا سان ورپي يونين جي سفير انڊرولا ڪمينارا ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ۽ يورپي يونين جي سفير گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. آرمي چيف چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان پنهنجن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان يورپي يونين سان گڏيل مفادن تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي.