اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 17هين کان 22هين گريڊ جي سرڪاري آفيسرن کي ايگزيڪيوٽو  الائونس ۾ 150 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ وفاق جي آفيسرن جا الائونس به صوبن جي آفيسرن جيترا ٿي ويا آهن. بجيٽ ۾ 22هين گريڊ جي آفيسرن کي ڊسپئرٽي الائونس ڏيڻ ۽ 20هين کان 22هين گريڊ جي آفيسرن کي ملندڙ اردلي الائونس 14 هزار رپين مان وڌائي 25 هزار رپين تائين ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. واضع رهي ته پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوه ۾ ايگزيڪيوٽو الائونس اڳ ئي لاڳو ٿيل آهي. ٻئي طرف سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ بابت ٻه تجويزون آهن جن ۾ ايڊهاڪ الائونسز کي ضم ڪري بنيادي پگهار تي 15 سيڪڙو اضافو ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ غير معمولي واڌ ٿي ويندي. ڏنل ٻي تجويز ۾ چيو ويو آهي ته موجوده بنيادي پگهار تي ئي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ ايڊهاڪ الائونسز کي ضم ڪيو وڃي، جنهن سان پهرين جولائي 2022ع تائين رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن کي پينشن ۾ فائدو ٿيندو.