لاهور (م ڊ) تيل اگهن ۾ واڌ بعد تعميراتي سامان جي اگهن ۾ به اضافو ٿي ويو، مارڪيٽ ڊيلرز موجب سيمنٽ  جي ٻوري هفتي ۾ 360 رپيا مهانگائي ٿيڻ بعد قيمت 1200 رپيا ٿي وئي، بجري جي قيمت ۾ 45 رپيا في اسڪوائر فوٽ اضافو ٿي ويو، بجري جي ٽرالي 2500 رپيا اضافو ٿيڻ بعد 6 هزار جي ٿي وئي، سريو جي قيمت ۾ 35 رپيا في ڪلو واڌ، في ٽن هڪ لک 70 کان وڌي 2 لک 5 هزار جو ٿي ويو، جڏهن ته ٽائلز، پينٽ جي قيمت ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.