اسلام آباد: ٽيڪس مامرا نبيرڻ لاءِ حڪومت واپارين کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته ٽيڪس مامرن بابت جن به واپارين جا ڪيس عدالتن ۾ آهن انهن کي واپس ٿيڻ ۽ اسان سان ويهي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو، هن چيو ته ڳالهين لاءِ ڪاميٽي ۾ هڪ آفيسر انهن واپارين جي مرضي ۽ هڪ حڪومت پاڻ مقرر ڪندي، جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته ان کي درست ڪيو ويندو.