اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته لَيوِي لڳائڻ سان پيٽرول جو اگهه 300 کان 310 رُپيا في لِٽر ٿي ويندو، بجلي جا اگهه به 39 کان 40 رُپيا في يونٽ ٿي ويندا، اڳوڻي  وفاقي وزير عمر ايوب ۽ ٻين پي ٽي آءِ اڳواڻن بجيٽ بابت پريس ڪانفرنس ڪئي، بجيٽ کي انتهائي غير سنجيده ۽ غلط انگن اکرن تي ٻڌل بجيٽ قرار ڏيندي شوڪت ترين چيو ته نمبرز ڪوڙ نه ڳالهائيندا، حڪومت ڪنهن کي بيوقوف بڻائي رهي آهي؟ هن چيو ته مهانگائي جو طوفان اچڻ وارو آهي، بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو، مهانگائي وڌندي ته ڪاروبار ڪيئن هلندو، هي پراڻي پاڪستان جي طرز تي هلي رهيا آهن، هن چيو ته پيش ڪيل بجيٽ ۾ مهانگائي جو 11.5 سيڪڙو حدف رکيو ويو آهي، پر مهانگائي ايندڙ سال  25 کان 30 سيڪڙو تائين پهچي ويندي، حڪومت بجيٽ ۾ 5 سيڪڙو گروٿ جي ڳالهه ڪئي آهي، زراعت جي شعبي ۾ حڪومت 3.9 سيڪڙو گروٿ ٿيندي نظر نٿي اچي، اسان صنعتن کي مراعتون ڏنيون هيون جيڪي هي ختم ڪري رهيا آهن، حڪومت بينڪن تي ٽيڪس ريٽ وڌائي ڇڏيو آهي ڊيزل جي ڪري ٽرانسپورٽيشن تي اثر پوندو، حڪومت جا گروٿ انگ اکر شڪي آهن. شوڪت ترين چيو ته بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ته مهانگائي جي شرح 20 کان 25 سيڪڙو تائين هلي ويندي، هن چيو ته بجيٽ ۾ ڪافي شين ۾ انڪم ڏيکاري وئي آهي جيڪا نه آهي، بجيٽ خسارو 4.2 کرب رپيا آهي،  منهنجي خيال ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ حڪومت کي ڏکيائيون ٿينديون، حڪومت کي آءِ ايم ايف کان رليف نه ملندو، عام واهپي جي شين جا اگهه اڃا به وڌي ويندا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته آءِ ايم ايف بجيٽ کي ڪيئن منظور ڪندو؟ شوڪت ترين چيو ته مهانگائي 24 سيڪڙو تائين ٿي چڪي آهي ۽ بيروزگاري به وڌندي، اسان جو خيال آهي ته بيروزگاري جو ريشو 25 کا 30 سيڪڙو تائين ويندو، شوڪت ترين چيو ته 2 ڪروڙ فردن جي غربت جي لڪير کان هيٺ وڃڻ جو خدشو آهي، حڪومت غريبن لاءِ شروع ڪيل اسان جا پروگرام به بند ڪري ڇڏيا، هي نيب ۽ چونڊن جي قانونن ۾ ترميم ڪرائڻ آيا هئا، لڳي ٿو ته اڳتي آءِ ايم ايف رليف نه ڏيندو. اڳوڻي وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته جولاءِ ۾ ڊيزل ۽ پيٽرول 300 ۽ 310 رپيا لٽر ٿي ويندو، مهانگائي جي ڪري صنعت جو ڦيٿو رڪجي ويندو، عوام لاءِ هنن ٽائيم بم لڳايو آهي، بجلي جون قيمتون وڌي ويون آهن، اسان 16 رپيا يونٽ قيمت ڇڏي هئي جولاءِ ۾ قيمت ٽيڪس سان 39 يا 40 رپيا يونٽ ٿي ويندي، ماڻهو هنن کي پٿر نه هڻندا ته ٻيو ڇا ڪندا، هي حڪومت ڪاروباري ماڻهن جو ٻيڙو ٻوڙڻ وڃي رهي آهي. گئس جي بلن ۾ 400 سيڪڙو اضافو ٿيڻ وارو آهي، هن چيو ته گرمين ۾ ڪڏهن به گئس جي لوڊشيڊنگ نه ڏٺي آهي نه ٻڌي آهي،  پي ٽي آءِ اڳواڻ دعويٰ ڪندي چيوته اسان تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ ريونيو گڏ ڪيو، اسان جي گروٿ 6 سيڪڙو رهي، جڏهن ته هي 5 سيڪڙو گروٿ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، اسان سڀ کان وڌيڪ 5.5 ملين ماڻهن کي روزگار ڏنو، اسان جي دور ۾ ايگريڪلچر ۾ 4.4 سيڪڙو گروٿ هئي، اسان سڀ کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪياسين، پيش ڪيل بجيٽ ردي جي ٽوڪري ۾ ڦٽي ڪرڻ جهڙي بيڪار بجيٽ آهي.

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم عمران خان چيو آھي ته بجيٽ بعد موجوده حڪومت ڏيڍ مهيني رخصت ٿي ويندي،  طاقتور ڌرين جي پيرين پوڻ، معافي وٺڻ بدران عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، لڳي ٿو ته موجوده جاري سياسي، معاشي بحران سبب طاقتور ڌريون پريشان ٿي چڪيون آھن. اينڪرز پرسنز ۽ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڪو به اهو نه سمجهي ته لانگ مارچ ختم ٿي ويو، ايندڙ ڏينهن ۾ اسلام آباد جو رخ ڪندس، سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد پوري طاقت سان اسلام آباد جو رخ ڪندس، موجوده حالتن مان نڪرڻ جو واحد رستو نيئن چونڊ آھي، جيڪڏهن ائين نٿو ٿي ته سڃو ملبو نيوٽرلز تي ايندو، اسان جي حڪومت ۾ ملڪ ٺيڪ رخ ۾ وڃي رهيو هيو اهو اسان نيوٽرلز کي به ٻڌائيندا رهيا سين  اسان کي مامرن جو اندازو آھي، مقابلو ڪرڻ لاءِ مڪمل تيار آھيون، حڪومتي حربن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. عمران خان چيو ته  بجيٽ بعد لڳي ٿو ته حڪومت ڏيڍ مهيني بعد رخصت ٿي ويندي، موجوده بجيٽ کي آءِ ايم ايف ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪندي، عالمي ادارن کي به موجوده حڪومت جي نااهلي جو مڪمل يقين آھي انهن کي يقين آھي ته عوام هن حڪومت سان گڏ نه آھي اليڪشن ڪميشن ۾ مقررين سوڌو اهم مقريون ڪيون پيون وڃن مسلم ليگ ن کي ڪوئي رستو نظر نٿو اچي هي ٽن سالن تائين مهانگائي تي روئيندا رهيا پر ثابت ٿي ويو ته هنن ۾ ڪا به اهليت نه آھي اسان مٿان قرض وٺڻ جو الزام غلط آھي اسان 52 ارب ڊالرن جا قرض وٺي 38 ارب ڊالرن جا قرض واپس ڪيا بارودي سرنگهون اسان نه پر ن ليگ 2018 ۾ لڳائي وئي هاڻي به لڳائي رهي آھي حڪومت ملڪ کي معاشي تباهي طرف وٺي وڃي رهي آھي غريب ماڻهو جولاءِ کان چيلھه چٻي ڪري ڇڏيندڙ مهانگائي کي منهن ڏيندي.