اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس، تحريڪ طالبان افغانستان، ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سوڌو افغانستان جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان پيپلز پارٽي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ تي يقين رکي ٿي، پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، تفصيل موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل صدارت ۾ پيپلزپارٽي جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قرنطينه ۾ هجڻ ڪري وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر به وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، زرداري هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني، اسپيڪر راجا پرويز اشرف، سيد خورشيد احمد شاهه، وفاقي وزير شيري رحمان، فرحت الله بابر، فيصل ڪريم ڪنڊي، نديم افضل چن، قمر الزمان ڪائره، چوڌري منظور، نجم الدين خان، چوڌري ياسين، همايون خان، آخونزاده چٽان، رخسانه بنگش،  نيئر بخاري، شازيه مري، پلوشه خان، نثار کهڙو به شرڪت ڪئي اجلاس بابت فرحت الله بابر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سمورا فيصلا پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجن، ان لاءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، پيپلز پارٽي ايندڙ وقت جي رستي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ اتحادي پارٽين سان رابطا ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردي خاص طور تي افغانستان جي تازي صورتحال، تحريڪ طالبان افغانستان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پاڪستان پيپلزپارٽي سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ تي يقين رکي ٿي، اسان اتحادي پارٽين سان رابطا ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪنداسين.