آصف زرداري عمران خان کي ليگل نوٽيس اماڻي ڇڏيو

0
220

اسلام آباد: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪوڙا الزام هڻڻ تي عمران خان خلاف 10 ارب روپين جي هرجاڻي جو ليگل نوٽيس اماڻي ڇڏيو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري طرفان ليگل نوٽيس ۾ عمران خان کي 14 ڏينهن اندر غير مشروط معافي وٺڻ لاءِ چيو ويو آهي

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته معافي نه گهرڻ جي صورت ۾ عمران خان خلاف هرجاڻي واري نوٽيس تي قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي

عمران خان پنهنجي وڊيو خطاب ۾ الزام هڻندي چيو هو ته آصف زرداري مون کي قتل ڪرائڻ لاءِ دهشتگرد تنظيم کي پئسا ڏنا آهن

هي به پڙهندا

4ماڻهو مونکي قتل ڪرائڻ پيا چاهين، انهن ۾ آصف زرداري به شامل آهي: عمران خان

عمران جي الزامن بعد اسان لاءِ خطرا وڌي ويا آهن: بلاول طرفان عدالت وڃڻ جو اعلان