عمران جي الزامن بعد اسان لاءِ خطرا وڌي ويا آهن: بلاول طرفان عدالت وڃڻ جو اعلان

0
193
عمران جي الزامن بعد اسان لاءِ خطرا
عمران جي الزامن بعد اسان لاءِ خطرا وڌي ويا آهن: بلاول طرفان عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد: پ پ چيئرمين، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي
عمران خان گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته آصف زرداري کيس قتل ڪرائڻ جي سازش ڪئي جيڪا ناڪام وئي
عمران خان جي اهڙي بيان بعد پيپلز پارٽي جو سخت رد عمل سامهون آيو آهي، گذريل ڏينهن کان اڳواڻ پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي الزامن بعد آصف زرداري ۽ اسان جي خاندان لاءِ خطرا پيدا ٿيا آهن
پنهنجي بيان ۾ بلاول چيو ته عمران خان منهنجي والد کي ڌمڪيون ڏنيون آهن، عمران خان جا دهشتگردن سان لاڳاپا آهن، اسان جي خاندان کي خطرو آهي
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عدليه عمران خان جي ڪوڙن الزامن تي ٻڌل بيان جو نوٽيس وٺي

هن کي به پڙهندا

4ماڻهو مونکي قتل ڪرائڻ پيا چاهين، انهن ۾ آصف زرداري به شامل آهي: عمران خان