ڊالر وڌيڪ 6 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 269 رپين جو ٿي ويو

0
244

پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر جي رڪارڊ اڏام جاري آهي، انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 6 روپيا 90 پئسا مهانگو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 روپيا مهانگو ٿي ويو

 انٽر بينڪ ۾ ڊالر هن وقت 269 روپيا 50 پئسن جو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو ملهه 272 روپين تائين پهچي ويو، ٽن ڏينهن دوران ڊالر 37 روپيا مهانگو ٿيو

واضح رهي ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي هئي ته کيس ناڻي واري وزارت ملڻ بعد هو ڊالر جي اگهن کي ڪنٽرول ڪندو پر ائين ناهي ٿيو

آءِ ايم ايم جي سخت شرطن سبب پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت مسلسل وڌي رهي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان تي پرڏيهي قرض به وڌي رهيا آهن

هي به پڙهندا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي بحران خلاف مظاهرا، ڌرڻا

انٽر بينڪ ۾ ڊالر بي قابو، 262 رپين جو ٿي ويو