لال حويلي تي چڙهائي ڪرائيندڙن جا ٽـِينَ کڙڪائي ڇڏيندس: شيخ رشيد

0
114

ڪراچي: شيخ رشيد لال حويلي خلاف ڪارروائي کي لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪري ڇڏي آهي

 شيخ رشيد چيو آهي ته لال حويلي تي چڙهائي ڪرائيندڙن جا ٽـِينَ کڙڪائي ڇڏيندس، راڻا ثناءُ الله انتقامي ڪارروائين تي لهي آيو آهي، پهرين پوليس ۽ رينجرز کي گهرايو ويو، پوليس ۽ رينجرز لال حويلي خلاف ڪارروائي کان انڪار ڪيو

هن جو چوڻ هو ته راڻا ثناءُ الله هاڻي ايف آءِ اي کي وٺي آيو آهي، اڄ شام پريس ڪانفرنس ڪري حڪمرانن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندس، لال حويلي تي قبضو ثابت ٿئي ته پوءِ اسان کي قومي ڏوهاري قرار ڏنو وڃي، مون ڪو به قبضو نه ڪيو آهي

هي به پڙهندا

اويڪيو ٽرسٽ راولپنڊي پوليس ۽ ايف آءِ اي جي مدد سان لال حويلي سيل ڪري ڇڏي