اسلام آباد (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ۽ آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ آزاد ڪشمير جي مستقبل جي وزيراعظم جي اميدوار نوجوان کي فحش وڊيو اماڻي هراسان ڪيو آهي، عدالت هن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد عطا رباني نوجوان خواجه فهيم کي فحش وڊيو اماڻي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار سردار تنوير الياس خان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. خواجه فهيم جو چوڻ آهي ته سردار تنوير سان اسلام آباد جي سينٽورس مال ۾ ملاقات ٿي جنهن بعد هن مون کي فحش وڊيو اماڻيو ۽ هراسان ڪيو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ۾ درخواست ڏني پر ڪيس داخل نه ڪيائون. ايف آءِ اي عدالت ۾ رپورٽ ڏني ته فريادي جي فون جي فرانزڪ رپورٽ اچي چڪي آهي ۽ ثابت ٿيو آهي ته کيس سردار تنوير جي نمبر تائين وڊيو اماڻي وئي. عدالت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جاچ دوران فريادي ڪوڙو نڪري ته ان خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. سردار تنوير باغ ٽو ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار آهي ۽ هو آزاد ڪشمير ۾ وزارت عظميٰ جو اميدوار به آهي.