اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ جي شهر ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ عورت روبينا جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ واري درخواست آءِ جي اسلام آباد ڏانهن اماڻي ڇڏي، تفصيل موجب ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت ۾ ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ عورت روبينا پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته ڏهرڪي ٿاڻي ۾ منهنجي خلاف ايف آءِ آر داخل آهي، چيف جسٽس کيس چيو ته ڏهرڪي ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر جي مامري تي اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ ڇا ڪري سگهي ٿي؟ روبينا نالي عورت جواب ڏيندي چيو ته علائقي ۾ مون تي ڪاري جو الزام لڳايو ويو آهي، مان جيڪڏهن واپس ويندس ته مون کي قتل ڪيو ويندو، مان پوليس کي پنهنجو بيان اسلام آباد ۾ رڪارڊ ڪرائڻ چاهيو پر اهو بيان رڪارڊ نه ٿو ڪيو وڃي، مان پنهنجي ٻارن سان گڏ اسلام آباد ۾ رهان ٿي، عدالت مون کي تحفظ ڏئي نه ته ٻي صورت ۾ مون کي ڪاري ڪري ماريو ويندو، چيف جسٽس اطهر من الله عورت کي تحفظ فراهم ڪرڻ وارو مامرو آءِ جي اسلام آباد ڏانهن اماڻيندي کيس قانون مطابق عورت کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.