ڪراچي (نمائندن وٽان ) ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ: وزيراعظم ۽ اين سي او سي پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ لاڪ ڊائون جي وارننگ، ان ڏس ۾ ڪورونا وڌيڪ 24 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 1683 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح 3.33، اسلام آباد ۾ 3.5، لاهور ۾ 1.1 ۽ پنجاب ۾ هڪ سيڪڙو رهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا سبب 14 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 920 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير ڪورونا صورتحال بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 22359 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 21590 گھرن، 65 آئسوليشن سينٽرن ۽ 704 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. هن چيو ته 648 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 55 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 534، حيدرآباد ۾ 35، ڪشمور ۾14، بدين ۾11، دادو ۾ 10، گھوٽڪي ۾ 3، ميرپورخاص ۽ نوشهري فيروز ۾ 2_2، لاڙڪاڻي، سانگهڙ، سکر، ٺٽي ۽ عمرڪوٽ ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. ٻئي طرف سکر سول اسپتال ۾ روهڙي واسي 52 ورهين جو عبدالرحمان شيخ فوت ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر جو خطرو آهي، ڪورونا جو ڀارتي قسم وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي، عوام احتياط ڪري. ڪالهه ڪورونا بابت قومي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا جو ”انڊين ويريئنٽ“ وڏو مسئلو بڻيل آهي، اهو وائرس پنهنجي نوعيت مسلسل تبديل ڪري رهيو آهي، هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن. هن چيو ته ڪيس گهٽجندي گهٽجندي اوچتو وڌڻ شروع ٿي وڃن ٿا، خدشو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر اچي سگهي ٿي، آئون قوم کي اپيل ٿو ڪييان ته ماسڪ پائين، هن چيو ته لاڪ ڊائون سان غريب طبقو وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي، اسان احتياط ڪيوته چوٿين لهر کان بچي سگهون ٿا، احتياط نه ڪيوسين ته وري لاڪ ڊائون هڻڻو پوندو، سڀ ڪجهه بند ڪرڻو پوندو، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ ڪورونا ويڪسين موجود آهي، جيستائين سڀني شهرين کي ويڪسين نه لڳندي، وائرس جون نيون لهرون اينديون رهنديون. ٻئي طرف اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته اسان نٿا چاهيون ته عيد تي پابنديون هڻون ۽ عيد جو مزو خراب ٿئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن، هن چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون ڏانهن بلڪل نه وينداسين، سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي ته اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪنداسين آزاد ڪشمير اليڪشن بابت ڳالهائيندي اسد عمر جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وڌي رهيو آهي، اسان اُتي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جي پهرين ئي تجويز ڏئي ڇڏي هئي، منهنجي ڏنل هدايت تي اين سي او سي ڪالهه آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي، خط سان گڏ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙين جون تصويرون به هنيون ويون آهن. اسد عمر موجب مظفر آباد ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ڊبل ڊجٽ ٿي چڪي آهي، اليڪشن ڪرائڻي آهي ته ايس او پيز تي عمل درآمد يقيني بڻايو وڃي